بدين لڳ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي 8 فوت 36 زخمي

بدين ( ن س) فتح آباد لڳ تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. مٺي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار اي سي ڪوچ بدين کان 10ڪلو ميٽر پري فتح آباد ڀرسان موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي. اي سي ڪوچ ۾  40 کان مٿي مسافر سوار هئا. فوتين ۾ پرڪاش ولد سترام مٺي شھر ، ميانوالي جو رمضان ولد شاھجان، عبدالله ميمڻ پٽ غلام محمد ميمڻ بدين شھر، مسمات زينب زال حاجي ھارون ڪلوئي شھر جي رھندڙ، پترت ولد چاندو مل مٺي شھر، بشيم ولد تيرٿ مٺي شھر جو رهواسي ۽ ھڪ مھيني جي معصوم ٻارڙي انيا ڌيءَ رضوان کٽي فوتين ۾ شامل آهن. جڏهن ته هڪ وڌيڪ مسافر ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوت ٿيندڙن ۾ ڪوچ ڊرائيورپڻ شامل آھي، اسپتال عملي موجب زخمين جو انگ 36 آھي جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو