بدنام ڌاڙيل هزارو گلواڻي ساٿين سميت پوليس هٿان گرفتار

جيڪب آباد (دولت گل مستوئي)پوليس بدنام ڌاڙيل هزارو گلواڻي کي ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس آء پي دلي جان مگسي ڳجھي اطلاع تي ناوڙا اسٽاپ وٽ ڪاروائي ڪندي علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل هزارو گلواڻي ,اسرار گلواڻي فرضو گلواڻي ,گل مير گلواڻي  ۽ سرور گلواڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس موجب جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا ڳجھي اطلاع تي پوليس ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آھي.

پنج ئي جوابدار ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترن ئي ڏوهن جي ڪيسن ۾ گھربل هئا جوابدار هزارو گلواڻي مٿان پوليس مقابلن سميت پنجويهه کان مٿي ڪيسن داخل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو