بدنام ڌاڙيل ساٿي سميت مقابلي بعد گرفتار، هٿيار هٿ،ايس ايس پي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪشمور پوليس مقابلي بعد پنج لک انعام يافته بدنام ڌاڙيل زمان سندراڻي کي ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ سيد اسد رضا شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي  دعوي ٰ ڪئي ته گهوڙا گهٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪشمور پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس بدنام ڌاڙيل زمان سندراڻي ۽ ان جي ساٿي عطر سندراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار ڌاڙيلن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيو ويون آهن. ايس ايس پي اسد رضا شاھ وڌيڪ چيو ته گرفتار ڌاڙيلن جي مٿان پنج لک انعام مقرر ٿيل هو، گرفتار ڌاڙيل 25 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو. ايس ايس پي چيو ته ڪاروائي ايس ايڇ او ڪشمور ضياد احمد نوناري ۽ ان جي ٽيم جي پوليس اهلڪارن ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو