بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، وفاقي وزيرن جون ڌمڪيون

ڪراچي (نمائندن وٽان) وفاقي وزير اپوزيشن خلاف هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن ۽ مٿن غير ملڪي ايجنڊا تي هلڻ جو الزام لڳايو آهي. ڇنڇر تي ننڪانه صاحب ۾ وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙن کي ڀارت وڃڻ گهرجي، اپوزيشن جي جماعتن حڪومت سان دشمني ۾ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. هن چيو ته ماڻهن اياز صادق خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ داخل درخواستن کي قانوني مشاورت لاءِ اُماڻي ڇڏيو آهي، اعجاز شاهه چيو ته اپوزيشن وارا اهڙيون ڳالهيون قوم جي لُٽيل ناڻي کي بچائڻ لاءِ ڪري رهيا آهن، ن چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس آندو ويندو. **لاهور ۾ ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اپوزيشن کي رياست سان ويڙهه ڪرڻ جو حق نه آهي، سياست سان ويڙهه ڪرڻي آهي ته عمران خان حاضر آهي، عقل جي انڌن سياستدانن کي خبر ئي ناهي ته سياست ڪهڙن خطرناڪ مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي، کين هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته حالتون تيزي سان جنهن پاسي وڃي رهيون آهن، اُهو سٺو سنئوڻ نه آهي، اُن سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، باقي ملڪ ۾ مارشل لا نه لڳندو ۽ نه ئي عمران خان اسمبلي ٽوڙيندو. هن چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا در بند نه ٿيڻ گهرجن، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ڊائلاگ ٿي سگهن ٿا ته ٻين سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف خاموش طبيعت واري سردار اياز صادق کي هن وقت ڇو لانچ ڪيو؟ اياز صادق جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، ڪوبه ذميوار ماڻهو ادارن لاءِ اهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري سگهي.***اسلام آباد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اياز صادق جي بيان تي لازمي احتساب ٿيندو، ڪابه رعايت نه ڪنداسين، پي ڊي ايم جي سموري قيادت کي به اياز صادق جي بيانيي ۾ ملوث سمجهون ٿا، ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي ته حڪومت ڪهڙا قانوني قدم کڻي رهي آهي. هن پي ڊي ايم تي ڇتي تنقيد سان گڏ نواز ليگ کي ختم ڪري مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي بدمعاشن لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي، پي ڊي ايم پنهنجي بيانيي ذريعي دُنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسايو آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عوام کين ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندو، پي ڊي ايم وارا پنهنجي بيانيي سان ملڪ کي عدم استحڪام ۾ ڌڪڻ گهرن ٿا، هن چيو ته وزيراعظم واضح ڪري چڪو آهي ته ڪرپشن ۽ اين آر او کانسواءِ ٻين معاملن تي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، نواز ليگ جا سينيئر اڳواڻ به اسان سان رابطن ۾ آهن، ٻڌو آهي ته عبدالقادر بلوچ جا به پارٽي قيادت سان اختلاف پيدا ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو