بدلي جي باوجود 4 آفيسرن اڃا چارج نه ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 4 ڪامورن جون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران خدمتون واپس وٺڻ باوجود سنڌ جي اهم عهدن تان چارج نه ڇڏي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين حسن نقوي، پي پي ايڇ آءِ جي چيف زاهد عباسي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ اڃا عهدن تي ويٺل آھن. وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ڪالھ ڄاڻايل ٽن ڪامورن کي اسٽبلشمينٽ ڊويزين ۾ رپورٽ ڪرڻ ۽ خالد حيدر شاھ جون خدمتون خيبرپختونخواه حڪومت حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، سنڌ سرڪار حوالي ڪيل 4 وفاقي سروسز جا ڪامورا عاطف رحمان، نورين بشير، خالد سليم ۽ علي حسن ملڪ به سنڌ ۾ نه پهتا آهن. سروسز کاتي جي ذريعن موجب روٽيشن پاليسي تحت سنڌ سرڪار جي ويجهن ڪامورن کي وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واپس ورتو هو، سنڌ کان واپس ڪامورن کي رليو ڪرڻ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو