بدفعلي ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او جي گهر ڇاپو

سيوهڻ(ن سنڌيار) سيوهڻ ۾ نينگر کي مبينا اغوا ڪري بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي انسپيڪٽر پير الهبچايو جي گرفتاري لاءِ دادو ۾ سندس گهر تي پوليس ڇاپو هنيو  پر هو گهر تي موجود نه هو. ليڊيز پوليس اهلڪارن اڳوڻي ايس ايڇ او جي گهر ۾ داخل ٿي جهڙتي ورتي، جنهن بعد پوليس واپس موٽي وئي جڏهن ته 3 اهلڪار گهر آڏو مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس ڏاڍائي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار عباس ٽالپر کي سيوھڻ جي فرسٽ سول جج فاروق عباسي جي عدالت ۾ پيش ڪيو،  عدالت جوابدار عباس ٽالپر کي 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 20 ڊسمبر تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي جوابدار عباس ٽالپر چيو آهي ته مان بي قصور آھيان، اھا اوطاق منهنجي نه پر منهنجي مائٽ جي آهي مان اتي مھمان ٿي ايندو آهيان، هوڏانهن متاثر نينگر جي وارثن شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ رد ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو