بدفعلي معاملي خلاف احتجاج، سرڪي ساٿين سميت گرفتار

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ٽيوشن پڙهندڙ ٻارن سان بدفعلي ۽ گروپ سيڪس ڪرائڻ جي الزام ۾ گرفتار رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج لاءِ آيل مشتاق سرڪي ۽ سندس سٿين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. مشتاق سرڪي ڪراچي مان ٺري ميرواهه ۾ اچي احتجاج ڪرڻ چاهي پيو ته پوليس کيس هنگورجا ۾ حراست ۾ ورتو جيئن ڪا گڙ ٻر نه ٿئي. ڪجهه ڏينهن اڳ مشتاق سرڪي ان واقعي جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو هو ان تي شر برادري ۾ ڪاوڙ ڦهليل هئي ته هو جوابدار کي نشانو بنائڻ بدران سڄي برادري کي گهٽ وڌ ڇو ٿو ڳالهائي. جنهن بعد مشتاق سرڪي شر برادري کان معافي به ورتي هئي ۽ هن ڇنڇر تي ٺري ميرواهه ۾ گڏ ٿي احتجاج جي اپيل ڪئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنهن به امڪاني جهيڙي سبب حفاظتي اپائن سبب کيس حراست ۾ ورتو ويو. ياد رهي ته جوابدار سارنگ شر پوليس جي حراست م آهي ۽ مٿس ٻه ڪيس داخل آهن. پوليس موجب رسول آباد قومي شاهراھ تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر مهدي رضا، ڊي ايس پي سوڀوديرو عبدالقيوم مهر جي سربراهي ۾ پوليس پارٽي مشتاق سرڪي ۽ سندس ساٿين کي روڪي اڳتي وڃڻ نه ڏنو. هن سان 50 کان مٿي سندس همدرد گڏ هئا. هڱورجا ٿاڻي تي مشتاق سرڪي ۽ سندس ساٿين مٿان ايس ايڇ او هڱورجا گل حسن ڪلهوڙو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار ڪيلن ۾ مشتاق سرڪي،ضمير حسين مشوري،صوڀو خان،عامر ميمڻ، غلام محمد ميمڻ،اسد جمالي ،عدنان ڪلهوڙو، عثمان لغاري، واجد لغاري، انيس خاصخيلي، تنوير ترڪ،وزير انصاري، نجيب ڪورائي، صدام ڪورائي، جنيد ڪورائي، زاهد ٻگھيو، سليم سومرو شامل آهن پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته مشتاق سرڪي ۽ ان جا ساٿي خيرپور ضلعي ۾ لاڳو 144 قلم جي ڀڃڪڙي ڪندي ريلي جي صورت ۾ خيرپور ضلعي ۾ داخل ٿيا. هوڏانهن هڱورجا ٿاڻي جي گيٽ وٽ سماجي اڳواڻ رياض حسين سهتو،حسين کٽي،عبدالخالق کٽي جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . احتجاج ڪندڙن چيو ته مشتاق سرڪي کي بنا ڪنهن سبب جي پوليس گرفتار ڪري ان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مشتاق سرڪي ۽ ان جي سمورن ساٿين کي بنا دير جي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو