بدامني تي ڪنٽرول ۾ ناڪامي، ٻنهي ٿاڻن جي عملي جي 2 سال سروس رد

پنوعاقل (ن س) ايس ايس پي سکر بدامني تي ڪنٽرول نه ڪرڻ تي ٻن ايس ايڇ اوز سميت ٻنهي ٿاڻن جي سموري عملي کي سزا طور ٻن سالن جي سروس ختم ڪري ڇڏي، ڊيوٽي تان غير حاضر 8 اهلڪار به معطل. خبر موجب ايس ايس پي سکر عرفان احمد سمون بدامني ۽ چوري جي شڪايتن تي ٻن ايس ايڇ اوز مٺل ککراڻي ۽ ذالفقار ڀنڀرو سميت شهر جي ٻنهي ٿاڻن جي پوري عملي جي ٻن سالن جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ايس ايس پي سکر پنوعاقل ۽ بائيجي ٿاڻن ۽ انهن سان سلهاڙيل چوڪين جي ڊيوٽين تان غائب 8 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو