بختاور ڪيڊٽ ڪالج جو پرنسپل ڪورونا سبب فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بختاور ڪيڊٽ ڪالج شهيد بينظيرآباد جو پرنسپل محمد يوسف شيخ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي پي اين ايس شفا اسپتال ۾ داخل هو. هو لاڙڪاڻي واري ڪيڊٽ ڪالج جو به پرنسپل رهيو سندس جنازي نماز عصر کانپوءِ لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم جو تعليم جي شعبي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو