بختاور ڀٽو پنهنجي جيون ساٿي کي ڪهڙو تحفو ڏنو؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي مگيندي کي پارايل منڊي جو راز ٻڌائي چڏيو. تازو بختاور دبئي جي هڪ واپاري اڳواڻ محمود چوڌري سان مڱڻي ٿي آهي. مڱڻي جي ڏينهن بختاور گلابي مغل طرز جي ڀرت بريل شال ۽ خوبصورت گلابي لباس ڊزائنر ندا ازور جو تيار ڪيل پاتو هو. بختاور ڀٽو پنهنجي مڱڻي جو هڪ فوٽو انسٽاگرام تي شيئر ڪيو جيڪو مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. بعد ۾ ، بختاور پنھنجي مڱڻي جي تقريب جي مختصر جھلڪيون پڻ شيئر ڪيون جنهن۾  ھن کي پنھنجي والد جي ھٿ پڪڙيندي ڏٺو ويو. بختاور هاڻي پنهنجي هڪ انسٽاگرام اڪاؤنٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن محمود چودھري کي منڊي پهرائي رهي آهي. هن تصوير جي ڪيپشن ۾ هن مڱڻي تي پهرايل ميڊيا ۾ ڇپيل راز جي پويان دلچسپ شيءِ کي پڻ ظاهر ڪيو.بختاور چيو ته منهنجي ماءُ پنهنجي والد (ذوالفقار ڀٽي) جي شادي جي منڊي جي ڪاپي ٺاهي ۽  منهنجي والد (آصف علي زرداري) کي پهرائي هئي ۽ هاڻي مون پنهنجي والد (آصف زرداري) جي منڊي جي ڪاپي ٺهرائي ۽ پنهنجي .مگيتر محمود چوڌري کي پهرائي

پهنجو تبصرو موڪليو