بختاور ڀٽو جي مڱڻي بلاول وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو مڱڻي ڪري ڇڏي.

Bakhtawar engagement Photo by Family

بلاول هائوس ڪراچي ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ بختاور ۽ محمود چوڌري هڪ ٻئي کي منديون پهرايون. بختاور ڀٽو ۽ محمود چوڌري روايتي مشرقي لباس پاتو هيو آصف زرداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ اسپتال کان گهر پهتو.

Bakhtawar engagement Photo by Family

جڏهن ته ڪرونا سبب بلاول ڀٽو زرداري تقريب دوران وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. مڱڻي جي تقريب ۾ مهمانن کي پاڪستاني ۽ انگريزي کاڌو کارايو ويو ۽ مينيو ۾ مڇي ، ڪڪڙ جوگوشت ، برياني ۽ ڪوپفتا شامل هئا.

Bakhtawar engagement Photo by Family

تقريب ۾ خاندان جي فردن کان علاوه ، 100 کان 150 ماڻهن شرڪت ڪئي.بختاور ڀٽو سماجي رابطن واري سائيٽ Twitter تي پنهنجي منگيتر سان گڏ جي ڦوٽو شيئر ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو