بحريه ڪيس،ڌرين کان 7 جولاءِ تائين جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي واقعي جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست تي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ايس ايس پي ملير کان 7جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي انويسٽيگيشن لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن خلاف 27ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي ملير طرفان جواب جمع ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مان ڪاليج جو پروفيسر آهيان ۽ مون مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس هيل تائين 200ماڻهو گرفتار ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو