بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾وڪيل برادريءَ جو شاندار ڪردار

                                 ليکڪ اي اي عباسي     

6 جون 2021ع تي سنڌ جي مٿان ڀيانڪ قسم جي ولار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو جنهن کانپوءِ ڪانئر قسم جون مافيائون خوفزدهه بڻجي جيڪا ريهرسل ورجائي انهي تي پوري سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي، انهي ڏهاڙي تي سوين ماڻهو خاص ڪري انهن ۾ اڪثر نوجوان جيڪي 18 سالن جا به نه ٿيا هيا انهن کي به کنڀي کڻي ڪراچيءَ جي جيلن ۾ قيد و بند ڪري باندي بڻايو ويو آهي، انهن کي شايد انهي ڳالهه جي سزا ڏني وئي ته ڪراچيءَ ۾ پرامن به احتجاج نه ڪيو، ڇو جو اها ولار ڪنهن غريب مسڪين نه ڪئي هئي پر هڪ عالمي مافياءَ ۽ سازشي عناصرن جي ليڊر ڪري ڪراچي کان ڄامشورو تائين پنهنجي پوري پٽيءَ تي ناجائز غير قانوني قبضو ڪري ڀينگ ڪري ماڻهن کي لٽي ڦري سونهري خواب ڏيکاريا ويا هيا، جيڪڏهن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان پنهنجا ماڻهو انهي ڳالهه لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيا ته بابا اسان جي ڌرتي تي اهڙي ولار آخر ڪيستائين ڪئي ويندي؟، پرامن احتجاج ڪرڻ تي لاڙڪاڻي ضلعي جا سوين نوجوان به قيد ۾ رکيا ويا آهن جن ۾ اهڙا اڪثر ٻاڙا بهه شامل آهن جن جون عمريون 18 سالن کان گهٽ آهن اهي ڪنهن به قانون ۾ ڏوهاري ناهن انهن جو بيڪ گرائونڊ ڏٺو وڃي ته انهن ڪڏهن مک به نه ماري آهي هاڻي به انهن ڪنهن جي آڱر به نه ڀڳي آهي ته پوءِ انهن جي مٿان دهشتگرديءَ جا قلم خطرناڪ قسم جا ڪيس لڳائي سياسي انتقام نه ورتو ويو آهي ته ٻيو ڇا ڪيو ويو آهي، هڪ طرف پوري ڪراچيءَ جا مڙس ماڻهو جوان مرد وڪيل برادري آهي، جنهن ۾ محمد خان شيخ، ساجد احمد چانڊيو، عرفان ڪيريو، اصغر ناريجو، عاقب راڄپر، عبداللطيف ميربحر، خليل انصاري، ڪاظم مهيسر، حسيب پنهور، مرتضيٰ ساريو، زين لغاري، ذوالفقار لانگاهه، خيام نظاماڻي، رزاق سولنگي، معين مگسي، سيد خليل شاهه، عمران ڪلمتي، احسان باري چنه، جاويد اڄڻ، جمن پنهور ۽ ٻيا سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جا متحرڪ مانوارا ايڊووڪيٽ صاحبان سنڌ جي ولار خالف پرامن جدوجهد ڪندڙ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بي گناهه قيد ڪاٽيندڙن نوجوانن جون مالڪيون ڪندي جهڙي طرح پاڻ نڀاهي رهيا آهن شايد ملڪي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به پهريون نه ٿيو هوندو ته ايڊووڪيٽ صاحبان پاڻ پنهنجي ماڻهن لاءِ ائين قانون چارهه جوئي ڪندي انهن جون ضمانتون ڪرائڻ لاءِ ائين پريشان هجن جهڙي طرح هن وقت ٿي رهيا آهن ۽ وڏي اها ڳالهه آهي ته انهي سلسلي ۾ ڪراچي جي وڪيل برادريءَ بغير ڪنهن پئسي ڏوڪڙ جي رضاڪارانه والنٽيئر طور تي ائين پنهنجو پنهنجي ڪنهن ويجهي رشتيدار عزيز جي ڪيس جيان اڳتي اڳتي ايندي پان ۾ ڳالهه ڳالهه مختلف معاملات تي مشاورت صلاح مشورا ڪري ڪراچي جي ولار، سنڌ جي ولار خلاف نڪرندڙ پرامن احتجاج تي نوجوانن جي مٿان من گهڙت ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن جي جيڪا ڀرمار ڪئي وئي انهي تي انهن بدبختن جي پت وائکي ٿي وئي، شايد انهن کي اها سڌ نه هئي ته ڪراچيءَ جا مڙس ماڻهو جوان مرد جرئت ۽ بهادريءَ جي علامت بڻيل وڪيل برادريءَ جو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين سان نينهن جو ناتو آهي ۽ اهي ڀلي جو ڪراچيءَ جي هوائن ۾ رهندڙ هجن پر اڄ به انهن جو ناتو واسطو پنهنجن ڳوٺن شهرن سان ائين آهي جيئن  ڪنهن ٻڄڙي جو پنهنجي امڙ سان هجي، سنڌ جي وجود ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين انچ انچ جي محبت وطن جي محبت آهي، پنهنجي ڌرتي جي وارثن سان نينهن جو ناتو فطرت ۾ شامل آهي، جيڪڏهن ڪراچي جي وڪيل برادري جا اهڙا تاريخ ساز مثال رهيا ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن پنهنجا ماڻهو پنهنجي ڪلاچيءَ ۾ هزارين لکن جي تعداد ۾ رهائش پذير ٿيڻ لڳندا، ڇاڪاڻ ته پنهنجن ماڻهن کي رڳو مالڪي جو احساس کائي ويو آهي، جيڪڏهن ائين ئي بي گناهن جي مالڪي ۽ وارثي ٿيڻ لڳندي ته پوءِ يقينن پاڻ ۾ هڪ نئون اتساهه جذبو پيدا ٿيڻ لڳندو، حيرت ۽ اچرج جي اها ڳالهه آهي ته 6 جون تي پهريان ته ريلي يا ڌرڻو لڳائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني، جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته پوءِ اتي انتظامات ڪهڙا ڪيا ويا هيا، جيڪڏهن اتي بحريا ٽائون جي گيٽ کي باهه لڳي ٿي ته پوءِ انهي وقت ڪنٽينرز، خاردار تارون، پوليس انتظاميه ، بحريه ٽائون جي پنهنجي سيڪيورٽي ، سي سي ٽي وي ڪيميرائون ڪيڏانهن ويون آهن، پنجن مرحلن مان جيڪي اچي گيٽ کي باهه ٿا ڏين اهي ٻيا ڪي نه پر خود سرڪاري گلو بٽ ئي ماڊل ٽائون لاهور واقعي جهڙا ٿي سگهن ٿا، نه ته جتي پکي پر نه هڻي سگهي اتي باهه جا شعلا ٿوري وقت ۾ ائين ڀڙڪي اٿڻ هڪ اهم سواليه نشان آهي؟، ٻيو ته هزارين لکين ماڻهو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان ڇا اتي باهه ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لاءِ اچن ٿا؟، معصوم ٻارڙا فيمليز سان عورتون پيرسن مرد ۽ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو پرامن احتجاج لاءِ پهچڻ شرط ٻئي پاسي هيءُ بحريه ٽائون جي گيٽ کي باهه جو ڊرامو لازمي طرح هيءَ سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي، پر هاڻي اهو ٻڌايو وڃي ته جيڪي بغير ڪنهن ڏوهه جي پرامن احتجاج ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي محبت ۾ نڪرندڙ نوجوان قيد و بند ڪيا ويا آهن انهن جي زندگين سان ڪنهن کي کيڏڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت سازشون ڪري ٿڪجي سگهي ٿي پر اهو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به حوالي سان ملڪ سان غداري نٿا ڪري سگهن، سنڌ جا لکين پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي باهه لڳڻ جو تماشو نٿا ڪري سگهن؟، سنڌ جا ماڻهو ائين ئي پنهنجي ملڪ پاڪستان سان عقيدت ۽ محبت ڪن ٿا جهڙي طرح ٻين صوبن جا ماڻهو ڪن ٿا، سنڌ جي ماڻهن ۾ انتهاپسندي، غداري، قتل غارتگيري، بوري بند لاش، ڊرل مشينن، ڪيميڪل باهه لڳائڻ ، فيڪٽرين، ملن، ڪارخانن ۾ جيئرن جاڳندن ماڻهن کي ساڙڻ  واري روايت ڪڏهن به نٿي اچي سگهي، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق و محبت ڪندڙ آهي، جيڪڏهن ڪو سازشي عنصر سنڌ جي وجود سان هٿ چراند ڪندي سنڌ جي ولار غيرن جي هٿان نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته انهيءَ جا نسل تباهه و برباد ٿيندا، جهڙي طرح ارغونن، ترخانن جا نسل تباهه و برباد ٿي ويا، هڪ گيٽ جي ڪري پوري سنڌ کي يرغمال ڪندي جيڪي گرفتارين جي ناپاڪ ڪوشش ڪري سنڌ جي آئندي مٿان آمريت لاڳو ڪري جيلن جا جيل ڀري ڇڏيا آهن ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏهه هزار ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ اهي به هڪ ٻه نه پر 28 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن انهن مان انهن حڪومتي ڌر جي ڪوڙ فريب ۽ مڪاري جي پت وائکي ٿي وئي آهي، پيپلز پارٽي جي سينئير وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي انهي ڪيس ۾ حڪومت طرفان لاهڻ ۽ اڳيان وري سنڌ ڌرتي جا مانوارا وڪيل جڏهن اچڻ لڳا ته پوءِ چڱن ڀلن جا رستا تبديل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي طرح ڪراچي جي وڪيل برادري کي جس هجي ۽ لک سلام پيش ڪريون ٿا، سنڌ جون امڙيون مائرون، ڀينرون، نياڻيون، جوان توڙي پڪا پوڙها سڀ ڪراچي جي وڪيلن لاءِ نيڪ خواهشن ۽ دعائون سا گڏ هڪ اميد ۽ نئون آسرو سمجهندي خوشي ڪندي وري وري وڪيل برادري جي انهي جذبي جنهن ۾ ڪراچي ۾ برساتن باوجود تڙ تڪڙ جلدي جلدي ۾ باندي ڪارڪنن جا ڪاغذ جمع ڪرائي انهن جي آزادي لاءِ ڪوشش وٺڻ کي ضرور ڪنهن ڪاز مقصد تحت ڏسن ٿا. اهو ڌرتيءَ، پنهنجي مٽيءَ ۽ وطن جي خوشبوءِ جو رشتو آتم ۽ اعليٰ آهي. هڪ مهينو گذري ويو آهي اسان جا ٻچڙا جيلن ۾ بند ڪري قيد ڪيا ويا آهن انهن جي مٿان سڄي دنيا جا ڪيس لڳايا ويا آهن، هڪ پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌ جي غيور ماڻهن مٿان ڪيسن مٿان ڪوڙا من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪري پنهنجي بدنيتي ۽ سنڌ سان ڌوڪي بازي ظاهر ڪئي آهي.جيڪڏهن گورنر راڄ لڳي ٿو ۽ لڳڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙي غير جمهوري لوٽن مان ته نجات ملندي.بحريه ڪيس ۾ ڪراچيءَ جي وڪيل برادري جو شاندار انسانيت سان ڀرپور ڪردار تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو ته ڪراچيءَ جي سنڌ دوست ۽ محب وطن وڪيل ڀائرن  پنهنجي هڙان وڙان به خرچ ڀاڙا ڪندي برساتن ۾ به اهڙي طرح پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪري ڏيکاري هئي جيڪا صديدن تائين انهن جي محنت ياد ڪئي ويندي ۽ انهن وڪيلن تي پوري سنڌ جا وڪيل ته وڪيل پر سموري سنڌ فخر ڪندي رهندي ته ڪراچي جا وڪيل وڪالت جي شعبي ۾ اهڙو ته پاڻ ملهايو جو ايندڙ نسل ۽ پوري ايڊووڪيٽ سان لاڳاپيل معزز دوست به اهڙي شاندار، مانائتي جذبي جوش ۽ ولولي تي فخر محسوس ڪندا رهندا.وڪيل برادري هونئن ته الائي ڪيترا ڪيس کنيا هوندا ۽ انهن ۾ انهن کي گهڻا ٿورا پئسا به مليا هوندا پر هيءُ انهن جو واحد ڪيس هوندو جنهن ۾ انهن کي هڪ رپيو به نه مليو ويتر گهران خرچ ڪري اڳتي وڌيا پر انهن سموري زندگي ۾ سڀني ڪيسن کان وڌيڪ خوشي ۽ مسرت انهي ڪيس وڙهڻ کڻڻ تي ٿي هوندي ڇاڪاڻ ته انهن جذبن کي پوري 7 ڪروڙ ڌرتي جا وارث مالڪ انهي عجيب ڪيس مڙهڻ سبب جهڙي طرح اچرج ۾ اچي ويا ته ڪيسن مٿان ڪيس 28 ڪيس ڇا ڪا ڇپ ڪري پئي يا قيامت اچي وئي ؟، جڏهن ته ڪنهن جي اڱر به نه ٽٽي ڪو جاني نقصان به نه ٿيو الائي ڪهڙن شرپسندن پنهنجي ڊرامائي انداز ۾ ڪيميڪل هاري جلسو ڌرڻو ڦٽايو ويو. جڏهن ته بلديا ٽائون ۾ جيئرن جاڳندن 260 انسانن کي ساڙي ماري لساني تنظيم جي دهشتگردن ڪاروائي ڪئي انهن مٿان ڪو به ڪيس نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته انهن کان ڊپ خوف ۾ ورتل آهن هاڻي تازو حيدرآباد جي پڪي قلعي جي قبضا مافيا جي ڳالهه سامهون آئي سوال اٿاريو ويو ته دهشتگردن کان اهو خالي ڪرايو وڃي ته هڪ وزير جواب ۾ چيوته پڪو قلعو خالي ڪرائڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر سنڌ جي پرامن احجاج ڪندڙ ماڻهن مٿان ڪوڙا من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس مڙهڻ سولو ڪم آهي افسوس آهي اهڙي سوچ تي جيڪي پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ڪم ظرف ماڻهن جي ونگار وهندا رهن ٿا ۽ سنڌ جي ولار جهڙي ڪاري دور کي ختم ڪرڻ لاءِ وڪيل برادري جو ساٿ وڏي آٿت ۽ آسرو ٿي منفي سوچ جي مالڪن لاءِ کليل چماٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو