بحريه ٽائون ۽ سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ ۽ قومپرستن جي مزاحمت

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه

جڏهن به سنڌ مٿان ڏکيو وقت آيو ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قوم پرستن سنڌ جي باشعور عوام ، سماجي تنظمين ڀرپور احتجاج به ڪيا ڌرڻا به هنيا ، ڪن مٿان پيسن وٺڻ جا الزام لڳا ته ڪن ساک پت ڏئي پنهنيج عزت بچائي اهو ڪڙو سچ اهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، پر سچ اهو آهي ٻئي طرح سنڌ حڪومت  يا سنڌ جي وزيراعلي سيد مراد علي شاه به جناب آصف علي زرداري سان وفا جو پڪو ثبوت ڏيندي  هڪ تعزيتي پروگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي سنڌ هڪ مهمان نواز آهي هتي جيڪا به ڪمپني ڪم ڪري ٿي ان کي مڪمل اختيار حق آهي ته هو ڪاروبار ڪري ، بلخصوص بحريه ٽائون ڪمپني جو نالو وٺي سنڌ جي عوام جي دل آزاري آهي مان سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت ملڪ رياض کي اعتماد جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي جنهن کان پوء سنڌ حڪومت جي پت ظاهر ٿي آهي ، جنهن کان پوء سنڌ جي هر باشعور عوام سماجي رهنمائن سياسي مذهبي قوم پرستن کي سمجهڻ گهرجي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ، سنڌ سان سنڌ جي عوام سان ڪيترائي مسئلا آهن جن کي لڪايو به ويو ته انهن مٿان قبضا به ڪيا ويا ، گيس سنڌ مان نڪري گيس سنڌ جي عوام کي نه ملي ڪوئلو سنڌ جو سنڌ کي نه ملي ، ڪاروجهنر جبل سنڌ  جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن    بحريا ٽائون سميت سنڌ ۾ هر ڪمپني کي جائز ڪاروبار ڪرڻ جو حق آهي ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائيندڙن ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آء پارٽي رد ٿيندي ته عوام جا مسئلا حل ٿيندا ۔۔ وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاه خبر موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڪالھ شام مخدوم هائوس هالا پهچي حضرت مخدوم طالب المولا جي گهر واري پ پ پارليامينٽ جي اڳوڻي صدر مرحوم مخدوم محمد امين فهيم ، مخدوم خليق الزمان ، ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي وڏي وزير سيد مراد علي شاه وفد جي صورت ۾ جنهن ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ، ڄام خان شورو ، سردار ملڪ اسد سڪندر ، امداد پتافي ۽ شرجيل ميمن سان گڏ مرحومه جي دعاء مغفرت سان گڏ سوڳوارن جي صبر لاء دعا گهري جنهن بعد وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه مخدوم ھائوس ھالا تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به ڪمپني کي جائز ڪاروبار ڪرڻ جو سنڌ م حق آهي اگر بحريا ٽائون وڌيڪ زمين کڻي ٿو ته ان کي روڪينداسين ھن چيو ته ان ڏينهن ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو اھو غلط ٿيو  ماڻهن جا دڪان گھر ۽ ملڪيتون ساڙيون ويون سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسايو ويو ان عمل جي اجازت هر گز نه ڏني ويندي  پرامن احتجاج ھر ڪنھن جو حق آهي پر قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين ھن چيو ته سنڌ جي ماڻهن پي ٽي آئي کي رد ڪيو آهي ان ڪري سنڌ سان زيادتيون ٿين پيون، ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي رد ٿيندي ته عوام جا مسئلا حل ٿيندا، ھن وقت نه صرف سنڌ سان نه پر ٻين صوبن سان به بي واجبيون ٿين پيون، ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا هوڏانهن  وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ڪشمور ۾ مزاري ھائوس پھچي سردار سليم  جان مزاري سان سندس والدہ جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي صحافین سان ڳالھائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو تہ ھتي مان ڪشمور ۾ سردار سلیم جان مزاري جي والدہ جي وفات تي آيو آھيان، ھن چيو تہ 2007 ۾ ھنن علائقن ۾  امن امان جي خراب حالت سبب اچي نہ سگھنداھئاسين ھن چيو تہ ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ ڪجھ مسئلا آھن پر پوء بہ امن امان جي صورتحال بھتر آھي۔ پاڻي جي کوٽ ۽ ارسا بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعلي سنڌ چيو تہ ھن سال پاڻي جي کوٽ آھي پر ان کان وڌیڪ اھو تہ ارسا پنھنجو ڪم ٺيڪ  نہ ڪري رھي آھي ھن چيو تہ اسان جو مطالبو آھي تہ 1991 ٺاھ تحت سڀئي صوبا پاڻي جي کوٽ برابري جي بنياد تي کڻن پر ائين نہ پيو ڪيو وڃي۔ ٻئي طرف  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن شبير علي بجاراڻي، مڪيش ڪمار چاولا، ملڪ اسد سڪندر، امداد علي پتافي، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جيڪب آباد ۾ پهچي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي، ايم پي اي مير ممتاز حسين جکراڻي جي چاچي ۽ عبدالرشيد جکراڻي جي والده جي وفات تي ساڻن تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.   جڏهن ته وڏي وزير جي آمد دوران ڪوئيٽه روڊ ۽ سيشن ڪورٽ واري روڊن کي مڪمل طور سيل ڪري ٽريفڪ جي آمد رفت کي بند ڪئي وئي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ڪشمور روانو ٿي ويو،مان سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت لاء هاڻ اهڙو محاظ جڙندو ، جنهن ۾ سنڌ حڪومت خلاف عوام سراپا احتجاج به ٿيندو ، اليڪشن ۾  پ پ پ کي شڪست به ملي سگهي ٿي ، جيڪڏهن مان سنڌ حڪومت مٿان عدم اعتماد جي ڳالهه ڪيان ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحن ٻيا جج صاحبان پڻ ڪافي ريفرنسن ۾ سنڌ حڪومت خلاف ريفرنس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن پر پوء به سنڌ حڪومت کي ڪا به پرواهه ناهي ، جڏهن ته عوام جو شيرازو نڪري ويو آهي ، جڏهن ته سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي پاڻ  مايوس ڪري رهي آهي ، سنڌ جي خلاف ڪم ڪندڙن جي حمايت ڪرڻ به سنڌ جي عوام جي زخمن مٿان لوڻ ڇڙڪڻ جي برابر آهي ، مان سمجهان ٿو ته جيئن پي ٽِ آئي ٻين صووبن ۾ حڪومتون جوڙيون آهن ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل ڪئي آهي ، ائين ئي سنڌ ۾ به ٿي سگهي ٿو سنڌ ۾ به سياسي صورت حال تبديل ٿي سگهي ٿي ، ڪپتان وٽ بهترين ٽيم آهي ، جيڪي سنڌ اندر عوام جي خدمت ڪرڻ ۾  مصروف آهن جنهن کان پوء پ پ پ قيادت لاء امتحان شروع ٿي چڪو آهي ،   صوبائي صدر پ پ پ نثار کهڙو ، سنڌ يج سائين سميت قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ به سنڌ جي وزيرن مٿان به ڇتي تنقيد ٿي آهي ، برحال مان عرض ڪندس ته  سنڌ حڪومت پ پ پ قيادت   سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪري رهي آهي  جنهن کان پوء پ پ پ قيادت جا ڪاررنامه به اسان جي سامهون اچي رهيا آهن ، اهو ئي سبب آهي جو  سنڌ جي وزيراعلي سيد مراد علي شاه  ان مسئلي تي  جنهن تي سنڌ جو عوام بحريه ٽائون مين گيت اڳيان لکين ماڻهون گڏ ڪري تاريخي احتجاج ڪيو پوء ڇا ٿيو اڳتي پڇا ٿيندو ، اهڙن فيصلن کان پاسو ڪيو وڃي  جيئن عوام جي دل آزاري نه ٿئي.

 zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو