بحريه ٽائون خلاف ڌرڻي ۾ سنڌي ڀرپور شرڪت ڪن،زين شاهه

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ کي سنڌ عوامي سٿ پاران شھباز ڳوٺ ۾ آجياڻو ڏنو ويو، تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ، مرڪزي سينيئر نائب صدر اعجاز سامٽيو . نائب صدر امير آزاد پنهور .ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفي چانڊيو، سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، حاجي سڪندر عباسي، سردار واحد بخش ڪلوڙ، زاھد اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيوته ڇھ جون تي بحريه ٽائون خلاف لڳندڙ ڌرڻي ۾ سنڌي ماڻھو ڀرپور شرڪت ڪري پنھنجي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏئي، ھن چيو ته سنڌي ڳوٺن سان ناجائزيون برادشت نه ڪيون وينديون، وسيلن جي مالڪي لاء سنڌي ماڻھو کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آھي، ڪراچي ۾ سنڌي وسندين جي انچ انچ جي مالڪي ڪنداسين، سنڌ کي وسيلن تي ڌاريا قابض آھن، سنڌ حڪومت بحريا  ٽائون انتظاميا جي ساٿاري بڻجي مسڪين ماڻهن جا گهر ڊاھي رهي آهي ۔ پ پ حڪومت جھڙو  سنڌ سان ظلم ڪري رهي آهي اھڙو  مثال ڪٿي نٿو ملي آصف زرداري ملڪ رياض سان ملي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري رھيو آهي  سنڌ جي عوام مٿان اھڙو  ظلم ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين، ساڻيھ واسين کي سڏ ڏيون ٿا ته ھو پنھنجي حقن لاء سجاڳ ٿي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ماروئڙن سان ھر محاذ تي گڏ ھوندي، مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو چيو ته سنڌ عوامي سٿ مسڪين ماروئڙن سان مورڙي جي ماڳ تي ھر محاذ تي گڏ آھي، جيڪڏھن سنڌي اڄان به گڏ نه ٿيا ته ھتي به غذا واري صورتحال ٿي سگھي ٿي، سنڌي ننگن ۽ دنگن تي سر ڏيڻ وارا آھن، ملڪ رياض کي سنڌ جي زمين کسڻ نه ڏينداسين، ھن چيو ته ڇھ جون تي بحريه ٽائون خلاف لڳندڙ ڌرڻي ۾ سنڌ جا حلالي پٽ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين، ان موقعي تي مرڪزي سينيئر نائب صدر اعجاز سامٽيو . نائب صدر امير آزاد پنهور .ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفي چانڊيو، سنڌ HB سٿ جي محبوب رند، حاجي سڪندر عباسي، سردار واحد بخش ڪلوڙ، سيد باقر شاھ، زاھد اعواڻ، سيد خادم شاھ، عوض جعفري، علي مردان چاچڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته تقريب ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي سنڌ جي روايت طور سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفه ڏنا ويا،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو