بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي لاءِ جلال شاهه پاران اجلاس طلب

مانجهند( رپورٽ مهراڻ عمراڻي)سن ۾ ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه 6 جون تي بحريا ٽائون انتظاميا جي والار خلاف  سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان مين گيٽ آڏو  اعلانيل TV ڌرڻي  کي ڪامياب ڪرڻ لاء مانجهند تعلقي جي پارٽي ڪارڪنن راڄن جي چڱن مڙسن جو اجلاس طلب ڪيو اجلاس ۾  ذميواريون ورهائيندي گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ت تعلقي مانجهند جي هر شھر ۽ ڳوٺ مان قافلا نڪري ڌرڻي ۾ گڏيل طور شرڪت ڪندا ان موقعي سيد جلال محمود شاه خطاب ڪندي چيو ت  بحريا ٽائلن جو سنڌ دشمن منصوبو ناڪام ڪرڻ لاء 6 جون تي بحريا ٽائون گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي منصوبي کي رد ڪرائجي ڌرتي جي والار ڪري ڌارين جي لوڌن کي آڻي سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي جنهن ۾ پ پ سرڪار به بحريا ٽائون ڊي ايڇ اي سميت مختلف سنڌ دشمن   ڀمنصوبن ۾شامل آھي جنهن کي هر صورت ۾ ناڪام بنائڻو آھي سيد جلال محمود شاه وڌيڪ چيو ته  ھميشھ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف تعلقه مابجهند جو عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندو رهندو آھي هاڻي به اڳ کان وڌيڪ شرڪت ڪرندو  ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو ضلع صدرڄامشورو درياء خان لغاري سيڪريٽري امام الدين ڇڇر يوسف عمراڻي انور مڱڻھار پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو