بحرانن باوجود پراميد عمران سرڪار!

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پوري سنڌ تباهه حال آهي، اداراڪم نه پيا ڪن،سنڌ جي اهڙي صورتحال تي گهٽ سمجهڻ ۽معاملي نظرانداز ڪرڻ وڏي ويساهه گهاتي آهي،سنڌ حڪومت جي نا اهلي ۽ ناڪامي چئجي ته به غلط نه ٿيندو،پنهنجوگهر ٺيڪ ڪرڻ کان اڳ پ پ قيادت جووفاق خلاف احتجاج جي ڪابه حيثت نه آهي، حڪومت مخالف ڌريون پي ڊي ايم ، پ پ وڌنڌڙمهانگائي جي اشو تي موجوده عمران خان سرڪار خلاف عوام جو احتجاج ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيوآهي،مهانگائي جو معاملوڪيش ڪرائي مخالف ڌرسستي شهريت سياسي فائدوحاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور فعال آهي، ڪرونا وائرس پوري دنيا جي معيشت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيوهو، دنيا جي سپر پاورملڪن جو پڻ ڏيوالو نڪري چڪوهو،ان حقيقت جوڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي،دنيا جي هر ملڪ پنهنجي ڪريل معيشت کي مٿي اڀارڻ لاءِ ڪوششن ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي،ڪرونا وائرس جي لهر پاڪستان جي معيشت تي وڏا منفي اثرڇڏياهئا،ان جو نتيجوڪيترن بحرانن جي صورت ۾ آيو،دنيا جي اڪثرملڪن ۾ ڪنهن به قسم جي آيل بحران کي حڪومت مخالف ڌراتفاق ڪري بحرانن کي ختم لاءِ ڀرپورڪوشش ڪئي ويندي آهي،ڪنهن به قسم جا بحران عارضي هوندا آهن،بدقسمتي کڻي چئجي ته اسان جي ملڪ ۾ بحرانن جوحل تلاش ڪرڻ جي بجاءِ غير فائديمند ڇڪتاڻ کي هٿي ڏني ويندي آهي،اهڙوعمل ملڪ ۽قوم جي مفاد ۾ نه هوندو آهي،جمهوريت ۾ آزادي،سهپ،بنافرق عوامي خدمت جمهوريت جوبهترين مثال آهي،ملڪي بيروني مسئلن جوحل اتحاد سان ممڪن آهي،ڪرونا وائرس پوري دنيا ۾ اچڻ سان بيشماربحرانن ملڪن جا بنياد لوڏي ڇڏيا،پاڪستان ۾ڪيترن بحرانن جنم ورتو،بيروزگاري،مهانگائي،روزمره جي استعمال ٿيندڙشين جي وڌنڌڙقيمتن خاص ڪري غريب طبقي جوزندگي جو گاڏو هلائڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي،ماضي ۾ پ پ، پاڪستان مسلم ليگ (ن)۽ پاڪستان مسلم ليگ( ق) جي حڪومتن ۾ به هرقسم جا بحران ٿيندارهيا آهن،اقتدارآيل ڌر۽ مخالف ڌر۾ ڇڪتاڻ جا هميشه منفي عوام تي اثر پوندا آهن،پ پ، پاڪستان مسلم ليگ( ن )جوهميشه ساٿ رهيو آهي، اهم معاملا طئي ڪري ايندڙوقت جي فائدي لاءِ ڀرپورڪوشش ڪئي ويندي آهي، پ پ ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو مفاد جڙيل رهندو آهي،ظاهري طورڪيتري به سياسي مخالفت هجي پ پ ، مسلم ليگ (ن) هڪ پيچ تي بيٺل هوندا آهن،موجوده هاڻوڪي مهانگائي جي لهر تي عوام جا وڏا بحث هلي رهيا آهن،جيتوڻيڪ هن وقت مهانگائي عالمي مسئلو بڻجي وئي آهي،عالمي سطح تي ڊالرجي واڌ ڪچي تيل جي قيمتن جي واڌ سان مهانگائي وڌي رهي آهي،عالمي سوشل ميڊيا تي نظر رکڻ سان غير ملڪي اخبارن جي مطالعي سان سڄو معاملو صاف نظراچي رهيو آهي ته اصل حقيقت ڇا آهيِ،عمران خان جي حڪومت کي اقتدار ماڻيندي 3ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي،عمران خان جي سرڪارڪيترن سخت بحرانن سان ڄمي مقابلوڪيوآهي،سخت سياسي مخالفت جي باوجود به پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه وزيراعظم عمران خان پنهنجي هرموقف تي اٽل رهيو آهي،سڀ کان وڏو عرصو پ پ، پاڪستان مسلم ليگ( ن) جي حصي ۾ اقتداررهيوآهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جو اقتداراچڻ سان پ پ مسلم ليگ کي وڏوسياسي ڌچڪو لڳو،ملڪي سطح تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڪثريت پ پ  کي سنڌ ،پاڪستان مسلم ليگ ن کي ، پنجاب تائين محدود ڪري ڇڏيو،گذريل عام اليڪشن ۾ ملڪي سياست جو وڏونالورکندڙ مولانا فضل الرحمان سربراهه جي يو آءِ، جماعت اسلامي جو اميرسراج الحق،مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف،پ پ جو چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري،پختوخواهه ملي پارٽي جو صدر، محمود خان اچڪزئي،قومي وطن پارٽي جو سربراهه آفتاب احمد شير پائو،عوامي نيشنل پارٽي جوسربراهه اسفعنديارولي،غلام احمد بلور،ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ ڊاڪٽرفاروق ستار،محمداعجازالحق۽ مختلف سياسي پارٽين جي مک اڳواڻن کي تحريڪ انصاف شڪست ڏني،سياسي حريف پ پ ، پاڪستان مسلم ليگ( ن) هن موجوده حالات ۾ عمران خان جي حڪومت جو خاتموڪرڻ لاءِ بي چين آهن، ۽ اقتدار۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهيون آهن،ووٽ جي تبديلي سان اقتدار ۾ اچڻ ممڪن آهي، اهو به سچ ۽حقيقت آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپٽ مافيا ۾ ٽاڪوڙووڌو، نيب جيڪو سياست کان پاڪ با اختياراداروآهي،ڪرپشن کي روڪڻ ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف ڀرپورمنظم انداز۾ ڪاروائي ڪندي835رپيا اوڳاڙيا،پ پ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور۾ ڪرپٽ مافيا عروج ۾ داخل هئا،ڪرپٽ مافيا بي تاج بادشاهه بڻيل هئا، انهن کان هر قسم جو پڇاڻو معاف هو، پ پ، مسلم ليگ (ن) عوام اڳيان ثابت ڪن ته ڪرپشن ۽ڪرپٽ مافيا خلاف حڪومتي دور ۾ ڇاڪيو؟،هن وقت حالات گهڻا مختلف آهن،حڪومتي وڏوعهدورکڻ جي باوجود به نيب بنا ڪنهن خوف مڪمل ثبوت حاصل ڪرڻ بعد قانوني ڪاروائي جاري رکي آهي، نيب جس لهڻي،آغا سراج دراني،ميراعجاز خان جکراڻي ،هالا جي مخدوم خاندان،سيد خورشيد شاهه ،سميت ٻين اڳواڻن تي احتساب عدالتن ۾ ڪيس هلندڙآهن،۽ نيب هرصوبي  فعال آهي، سخت تنقيد مخالف جي باوجود به نيب پنهجوپاڻ ملهايوآهي،اهو وسارڻ نه گهرجي ته سيد خورشيد شاهه ضمانت تي آزاد آهي،ان کي ڪلين چٽ ناهي ڏنوويو، معاملواحتساب عدالت ۾ هلندڙآهي،پ پ سنڌ ۾ 13 ورهين کان حڪومت ۾ آهي، عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿئي آهي،سنڌ ۾ اٽو ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مهانگوآهي،عوام کي مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيوويوآهي،سنڌ جوڪهڙو کاتوآهي جوڪرپشن کان پاڪ آهي،پ پ جي حڪومت ۾ڪنهن اداري جي اصلاح ٿئي آهي،مقامي سطح تي نظروجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پ پ جي صفن ۾ ڪرپٽ مافيا کي پ پ مان ڪنهن قسم جوخطرونه آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ دادو جي سيتاروڊ شهر ۾ ميمڻ برادري پ پ سنڌ ڪونسل جي ميمبراڳوڻي چيئرمن رئيس قمبرعلي لغاري خلاف سخت احتجاج ڪيو،احتجاج ڪندڙپ پ جا ڪارڪن ۽ووٽرهئا،انهن پ پ اڳواڻ رئيس قنمبرعلي خان تي الزام لڳايوته في ڪس 2لک رپيا نوڪري ڏيڻ لاءِ ورتا ويا،نوڪري نه ملي ڪوڙا آسرا،دلاساڏيئي فراڊ ڪيو ويو،ڏوڪڙن جي واپسي گهرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بليڪ ميل ڪري رقم ڦٻائڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪري ڪريل حرڪت ڪئي وئي،معاملو ميڊيا تي اچڻ جي باجود پ پ قيادت ڪوبه نوٽيس نه ورتو،متاثر ڌر کي انصاف نه ملي سگهيو، اهڙاهزارين داستان هر شهر ملنداجنهن جوتدارڪ ٿيڻ گهرجي،متاثر ڌرنيب کي درخواست ڏئي ته ڪنهن حد تائين معاملو حل ٿي سگهي ٿو،مخالف ڌرجو چوڻ آهي ته عمران خان جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ثابت ٿئي آهي،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان جي مقبوليت جو گراف جو دارومدارعوام جي اميدن تي لٿو ته ۽عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ، بي روزگاري، ختم ڪرڻ ،مهانگائي سميت بيشمارمسئلا آهن،تبديلي بٽڻ دٻائڻ سان نه ايندي آهي، پر گهربل وقت لڳندو آهي،70ورهين خرابي عمران خان جي کاتي ۾ نه ايندي، 5سال اقتداربهتر يا خراب جو حساب عوام ڪندو،عمران سرڪارپر اميد آهي ته ڏکيو وقت ضرورآهي،عوامي اميدن تي لهڻ سان ايندڙوقت به حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو،عوام جو ووٽ وڏي اهميت ملڪ جي تقدير آهي،اقتدار يا اقتدار کان ٻاهرعوام پاڻ فيصلو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو