بجيٽ ۾ سنڌ نظر انداز،سائين جا ڏوراپا

تحرير زوار حسين شاهه

 سنڌ جنهن کي سدائين نه صرف وفاق پر وڏن صوبن  جنهن ۾ پنجاب به نظر اندز ڪيو آهي ۽ سدائين ماٽيلي ماء جهڙو سلوڪ رکيو آهي جنهن کان پوء جيڪڏهن مان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳالهه ڪيان ته اهي سدائين جڏهن به وڏا اجلس ٿين ٿا اتي هو  پنهنجي دل جو ڏک وفاق ۽ وڏن صوبن سان ڪڍندا آهن پر ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته  ڏک جو اظهار ڪرڻ کان پوء به ڪو وفاق کي ننڊن صوبن تي رحم آيو هجي پر پوء به اسان جا وڏڙا جيڪي صوبن جا چيف منسٽر آهن اهي هٿ ٻڌي  وفاق سان احتجاج به ڪندا آهن ته سائين جن پڻ فوري ڏوراپا ڏيڻ شروع ڪندا آهن جن جو ايلاز منث تي ڪم هلندو هجي ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جنهن ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو تمام وڏو انگ آهي نه صورف چونڊيل نمائيندن سنڌ کي لٽيو آهي پر ڪيترن ئي آفيسرن جن مٿان به ڪرپشن جا الزام آهن ، پر مان عرض ڪندس ته جنهن کي به موقعو مليو آهي ان سنڌ سنڌ يج عوام سان گهٽ ناهي ڪئي ، برحال هر دور ۾ مان ته اهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌ کي يتيم سمجهي لٽيو ويو، پر تعجب جي اها به ڳالهه آهي ته جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاء ڪم ڪري رهيا آهن  انهن وڏين ڪجهه سياستدانن کي ته هٿ وڌو ويو آهي پر ننڊن شهرن ۾ جتي به ڪروڙين روپين جي لٽ مار ڪئي وئي آهي انهن ۾ هٿ ناهي وڌو ويو ان جا ڪهرا سبب آهن اهو پوء ڪڏهن  ڊسڪس ڪنداسين پر هڪ ڳالهه چوندس ته سياسي مدخالت هر اداري کي مڪمل تباهه ڪيو آهي  اهو ئي سبب آهي جو وفاق سميت پنجاب اهو سمجهي ٿو ته سنڌ اندر  ايتري ته سياست ادارن ۾ مداخلت ڪري ٿي  هو ڀلي جو احتجاج ڪن پر پوء به انهن جو ڪجهه نه ٿيندو ، برحال سنڌ جي وڏي سائين  اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس   ڪانفرنس  ڪندي وفاق کي نهايت سخت ڏوراپا ڏنا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته وڏن منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هُن جو چوڻ هو ته مون وزيراعظم کي 17 صفحن تي مشتمل خط لکي چيو هو ته سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجهيو وڃي. سنڌ کي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ نظر انداز نه ڪيو وڃي. مون لکيل خط ۾ اهو به چيو هو ته سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهيو، اُن کي برداشت نه ڪنداسين. قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاق جي پئسي تي سنڌ جِي چوڌرائپ هلڻ نه ڏني ويندي، اسڪيمون سنڌ حڪومت کي نه پر صوبي جي عوام کي سڌيءَ ريت ڏنيون وينديون. جنهن تي مون چيو ته 70 سيڪڙو ناڻو سنڌ مان ئي وڃي ٿو، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جيان سنڌ حڪومت به عوام جي نمائندگي ڪري ٿي، ڇا نوان قانون رڳو سنڌ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن؟ وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته خط لکڻ کانپوءِ سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ نقصان ڏنو ويو. بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ نيون اسڪيمون نه رکيون ويون. وفاق کي آخري ڀيرو لکيل خط ۾ چيو هو ته لڳي ٿو ته ٻوڙن سان ڳالهائي رهيا آهيون. هاڻي ته خط لکڻ به ڇڏي ڏنو آهي. ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪَڻ ڪير وفاق کان سِکَي. بجيٽ جي اسڪيمن تي اڄ اختلافي نوٽ وفاق ڏانهن اُماڻيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته جڏهن کان وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي سنڌ سان تعصب وارو رويو رکيو پيو وڃي. وڏي وزير جي اِنهن ڏوراپن ۽ اعتراضن کي وفاقي وزير اسد عمر رد ڪندي چيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام وفاق جو آهي، ان ۾ منصوبن بابت به فيصلو وفاق ڪندو. سندس چوڻ هو ته ترقياتي پروگرامن ۾ سڄي ملڪ جا منصوبا شامل آهن ۽ سمورن صوبن جي منصوبن ۾ خاطر خواهه اضافو نظر اچي رهيو آهي. موجوده وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ۾ نااتفاقي مُهڙين ڏينهن کان هلندي اچي پئي. سنڌ جا نمائندا پنهنجي جائز ۽ گهربل حصي لاءِ ٻاڏائيندا رهيا آهن ۽ وفاقي نمائندا اِن مامري ۾ سدائين نابري واريو ويٺا آهن. سندن خيال آهي ته اُهي سنڌ ۾ پير پُختا ڪري نه سگهندا، تنهن ڪري وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي، پر سندن اِن رويي سان سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪا احساس محرومي پيدا ٿي رهي آهي، تنهن جو نه ته سنڌ سرڪار کي نه وري وفاقي نمائندن کي ڪو احساس آهي. سنڌ واسي پاڻ کي هيڪلو، هيڻو ۽ ويڳاڻو تصور ڪرڻ لڳا آهن، کين محسوس ٿي رهيو آهي ته آهستي آهستي سندن پيرن هيٺان زمين کسڪائي وڃي پئي ۽ اِن عمل ۾ هُو سنڌ جي نمائندن کي به سلهاڙيل سمجهن ٿا. جنهن لاءِ تازو ئي بحريا ٽائون ۾ ٿيل وڳوڙن واري صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن وقت سنڌي ماڻهن جا ڳوٺ ڊاهيا پئي ويا، ماڻهن تي بلڊوزر چاڙهڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون، تڏهن سنڌ سرڪار يا انتظامي مشنري ننڊ سُتل هُئي، پر جڏهن اِن ناحق ۽ ڏاڍ خلاف سنڌ واسين احتجاج ڪيو ته سندن آواز تي ڪَنُ ڌرڻ بدران ڪجهه شرپسند وڳوڙين جي عملن کي بنياد بڻائي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي. انصاف جي تقاضا اِها آهي ته اُنهن ماڻهن خلاف به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ها، جن جي چُرچ تي سيڪيورٽي اهلڪار بلڊوزر ۽ ڳريون مشينون کڻي سنڌي ماڻهن جي وسندين تي ڪاهه ڪئي هُئي، تڏهن نه ته اسان جي قومي ميڊيا نه وري سنڌ سرڪار اِن ناحق خلاف آواز اُٿاريو هو، پر جڏهن ڳالهه سنڌي ماڻهن جي مخالفت ۾ هجي ٿي ته پوءِ سڀئي هڪ آواز بڻجي وڃن ٿا. اِهو رويو ڪيتري قدر مناسب آهي، اُن جو فيصلو وقت ئي ڪندو. باقي جيستائين سنڌ جي وڏي وزير جي ڳالهه آهي ته سندس اِن ڏوراپي جي گهرائيءَ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهيو! مطلب ته هتان جي ماڻهن ۾ غلاميءَ جي احساس کي گهرو نه ڪريو، اُنهن کي پنهنجي حصي پٽاندر حق ڏيو. وفاقي وزير اسد عمر جي اِها ڳالهه سؤ سيڪڙو سچ آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام وفاق جو آهي ۽ سنڌ به وفاق جو حصو آهي، جيڪڏهن اُهي سنڌ کي وفاق جو حصو نٿا سمجهن ته چٽيءَ ريت واضح ڪن، باقي اِهو ڪهڙو تُڪ آهي ته ٻين صوبن کي دل گهريا منصوبا ڏنا وڃن ٿا ۽ سنڌ کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اوهان کان وڌيڪ جي طلب نه پئي ڪري، پر جيڪو اُن جو حق بڻجي ٿو، اُن جي ئي تقاضا ڪري ٿي. تنهن ڪري اسين وفاقي نمائندن کي اِها صلاح ڏيڻ چاهينداسين ته مامرن کي ايترو نه اُلجهايو وڃي جو دوريون وڌي ويڇا ٿي پون ۽ پوءِ ويهي پڇتائجي، تنهن کان اڳ ئي سنڌ کي سندس وسيلن آڌار ترقياتي منصوبا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. اِن ۾ ئي اسان سڀني جي بهتري آهي، ڏسڻو اهو آهي ته وفاق جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ان ۾ سنڌ لاء ڇا رکيو ويو  جيڪڏهن وفاق  عام سميت ننڊن صوبن کي وري به نظر انداز ڪيو ته پوء وفاق ۽ صوبن درميان نفرت جنم وٺندي جيڪا هن پاڪستان لاء بهتر ناهي ان ڪري وفاق کي به ننڊن صوبن لاء ڪجهه نه ڪجهه رکڻو پوندو برحال  مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي سائين سرڪار وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڀلي وفاق سان شڪوه شڪايتون ڪري ، ڏوراپا ڏيئي  وفاق پهنجي ئي نئين حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيندو ، ۽ هو ننڊن صوبن جي ڪاڻ به نه ڪڍندو ، بس مان عرض ڪندس ته جمهوريت جمهوريت جا گيت ڳائيندڙ هاڻ عوام مٿان رحم ڪن ائين وري پاڪستان جو ڪپتان نه چوي ته گهبرانا نهين  تڪليف برداشت ڪرنا سيکو ، رحم سائين رحم جي اپيل ، عوام سميت سرڪاري ملازم وچون طبقو هن وقت پيڙهجي رهيو اهي هاڻ ته  پنهنجا ٻچڙا مائرون هنجن ۾ کڻي بازارن ۾ اچي وڪرو پيا ڪن جيڪو به هن ملڪ جي ساک لاء بهتر ناهي ،                 

.  

پهنجو تبصرو موڪليو