بجلي 4.33 روپيا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کان نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 33 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته نومبر ۾ مجموعي طور 8.48 بلين يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ 8.24 بلين يونٽ بجلي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي وڪرو ڪئي وئي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي چيو ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو