بجلي ڪٽڻ تي سيپڪو ملازم کي ڪٽڪو، 2 گرفتار

نوشهروفيروز(ڊ ر) سيپڪو ملازم محمد منير ملڪ اٽي جي چڪي مشين جي غير قانوني ڪنيڪشن کي ڪٽي رهيو هو ته چڪي مالڪ احسان ميمڻ ۽ سندن مزدورن لٺين ۽ سيخن سان حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي واپڊا ملازمن سول اسپتال نوشهروفيروز داخل ڪرايو. نوشهروفيروز ٿاڻي تي سيپڪو ملازم محمد منير ملڪ جي فرياد تي چڪي مالڪ احسان ميمڻ سندس ڀاءُ ارسلان ميمڻ، مبين ميمڻ ۽ طارق جوکيو تي ڪيس داخل ڪيو ۽ پوليس احسان ميمڻ ۽ مبين ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار شهرين جو چوڻ آهي ته ٽرانسفارمر سڙي ويو هو جنهن ڪري سپيڪو ملازمن کانئس چندو طلب ڪيو نه ڏيڻ تي سيپڪو ملازمن سندس ڪنيڪشن ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي، منع ڪرڻ تي سيپڪو ملازم مٿس ڏمرجي پيو ۽ جهيڙو ٿي پيو. ٻئي پاسي واقعي خلاف سيپڪو نوشھرو فيروز جي ملازمن ڪم ڇڏيو ھڙتال ڪندي احتجاج ڪيو. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي سيپڪو دادو جو سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عبدالغفار ماڪا، ڊويزنل انجنيئر عبدالحق ڏاهاڻي ۽ واپڊا هائيڊرو يونين جو ڊويزنل اڳواڻ غلام سرور سومرو نوشهروفيروز ٿاڻي تي پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ملازم تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو