بجلي کانپوءِ گيس جي به لوڊ شيڊنگ، نئون شيڊول جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وزارت ۽ سئي ناردرن ڪمپني پاران سياري لاءِ وفاقي سرڪار جي اعلانيل 15 ڪلاڪن واري گئس لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. شيڊول موجب پهرين ڊسمبر کان گئس جي روزانو 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ شروع ڪئي ويندي. لوڊشيڊنگ جي شيڊول موجب واهپيدارن کي پهرين ڊسمبر کان 24 ڪلاڪن دوران رڳو 3 ڀيرا رڌ پچاءَ جي وقتن دوران گئس فراهم ڪئي ويندي. شيڊول موجب صبح ساڍي پنجين وڳي کان ساڍي اٺين وڳي تائين گئس ڏني ويندي، جنهن بعد گئس فراهمي بند ڪئي ويندي. منجهند ساڍي يارهين وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي ۽ پوءِ فراهمي بند ڪئي ويندي ۽ شام 4 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ صبح ساڍي پنجين وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو