بجلي جي ڪريل تارن مان باهه، ٻه ايڪڙ ڪڻڪ رک

سيٺارجا(سجاد ڪٻر)ڪڻڪ جي فصل کي 11هزار وولٽيج جي تارن مان اوچتو باهه لڳڻ سبب ٻه ايڪڙ تيار فصل سڙي تباهه ٿي ويو. ڏيپارجه لڳ ڳوٺ محمد رفيق چيما ۾  يارنهن هزار وولٽيج جي تارن مان ڪڻڪ جي تيار فصل کي اوچتو باهه لڳي وئي ڏسندي ڏسندي باهه ٻه ايڪڙ ڪڻڪ جي فصل کي ساڙي ڇڏيو زمين جي مالڪ ماجد چيما صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  سيٺارجا سيپڪو  انتظاميه جي نااهلي سبب منهنجو تيار ٿيل ڪڻڪ جو فصل سڙي تباهه ٿيو آهي انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا آگاه ڪيو پر لاپرواهي سبب  يارنهن هزار جون تارون  هيٺ  پيل رهيون  جنهن سبب ٻه ايڪڙ فصل سڙي رک ٿي ويو هن وس وارن کان اپيل ڪئي ڪندي چيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ لاپرواهه عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو