بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف شاگردن جو احتجاج

تلهار(ن سنڌيار) تعلقي جي وڏي ڪاروباري شهر غلام شاھ موري ۾ واپڊا تلھار پاران ھٿڙادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو انھي ھٿڙادو لوڊشيڊنگ خلاف غلام شاھ موري ھائي اسڪول جي  شاگردن ۽ شاگردياڻين، شھرين سول سوسائٽي، سياسي، سماجي تنظيمن ۽ استادن سميت سوين ماڻهن ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪندي. حيسڪو انتظاميا خلاف ختم ڪريو ختم ڪريو لوڊشيڊنگ ختم ڪريو ختم ڪريو جھڙا بلند آواز ۾ نعريبازي ڪندا رھيا. پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي انھي موقعي تي خطاب ڪندي ھائي اسڪول ھيڊ ماستر محمد جمن ھليو، عبدالقادر چانڊيو، احمد ڪنڀار، ڪريم بخش رند چيو ته ھن موت مار شديد گرمي م لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪري مريض بڻائي ڇڏيو آهي شاگرد گرمي سبب بيهوش ٿي رهيا آهن سمورن طبقن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن تلھار حيسڪو ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪئي ته شھر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي ۽ وڏي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو