بجلي جي تارن ۾ وچڙي نوجوان سڙي زخمي، نوابشاهه ريفر

مورو)مورائي اياز سولنگي(ڪانڌڙا ڪالوني وٽ زرعي زمين ۾ ڪريل بجلي جي تارن ۾ وچڙي نوجوان پورهيت آصف علي سولنگي ولد مولوي پير بخش سولنگي سڙي زخمي ٿي پيو نوجوان جو چاليهه سيڪڙو جسم سڙي ويو آھي ۽ سندس پٺي ۽ پيٽ تان سڙي کل لهي وئي آھي بجلي جي تارن ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان آصف سولنگي کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن زخمي جي معمولي مرهم پٽي ڪري زخمي کي نوابشاھ  ريفير ڪري ڇڏيو آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو