بجلي جي تارن سبب ديري کي باهه 200 مڻ ڪڻڪ رک

لاکاروڊ (رپورٽ اظھر جلباڻي) لاکا روڊ ۾ زميندار شمس الدين ڏاھري جي ڪڻڪ جي ديري کي بجلي جي تارن مان باھ لڳي وئي 200 مڻ کان وڌيڪ سندس ڪڻڪ جو ديرو سڙي ويو. زميندار جو سيپڪو جي نااھل اھلڪارن خلاف احتجاج نقصان جي ازالي جو مطالبو. شمس الدين ڏاهري ٻڌايو ته هن جو ٿريشر هلي رهيو هو ۽ متاثره ديرو ڪجهه دير ۾ ڪڍائڻو هو ته اوچتو بجلي جون تارون ٽتيون ۽ سندس گڏ ڪيل ڪڻڪ جي ديري مٿان ڪري پيون، جنهن سبب سندس سڄو ديرو سڙي ويو. هن چيو ته اسانجي وات مان گرهه کسيو ويو آهي ۽ حيسڪو حيدرآباد وارا مونکي نقصان ڀري ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو