بجلي جي تارن مان گهر کي باهه ٽن عورتن سميت 4 فوت

فيض گنج (وسيم سولنگي) ڪولاب جيئل جي ڪانڌڙا محلا ۾ بجلي جي تارن مان گھر کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 3 عورتون سڙي فوت ٿي ويون باهه تي ضابطو آڻي لاش ڪڍيا ويا. پورهيت رسول بخش ڪانڌڙو ۽ شفيع محمد ڪانڌڙو جي گھر کي اوچتو بجلي جي تارن مان باهه لڳي وئي جيڪا سڄي گھر کي وڪوڙي وئي  جنهن جي نتيجي ۾  21 سالن جي مسمات نويدان ڪانڌڙو، 65 سالن جي مسمات نازل ڪانڌڙو 34 سالن جي مسمات نسيم ڪانڌڙ ۽ معصوم نياڻي 6 ورهين جي معصوم عذرا ڪانڌڙو باهه  ۾ زندھ  اچي سڙي فوت ٿي ويون ـ جڏهن ته علائقي واسين ۽ پاڙي وارن پهچي باهه تي ضابطو آڻي لاش ڪڍيا سڄي علائقي ۾ ھن واقعي جو حيراس پکڙجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو