بجرنگي ڀائيجان جي مُني جو ايوارڊ سلمان خان جي نالي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ مُني جو ڪردار ادا ڪندڙ هرشالي ملهوترا کي ڀارت رتن ڊاڪٽر امبيڊڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هرشالي کي 9 جنوري 2022 تي مهاراشٽرا رياست جي گورنر طرفان فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي ڀارت رتن ڊاڪٽر امبيڊڪر ايوارڊ ڏنو ويو. هرشالي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي سلمان خان ۽ فلم جي ڊائريڪٽر ڪبير خان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ايوارڊ ٻنهي جي نالي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو