ڪنڌ ڪوٽ(ن س) بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ جماعت اسلامي جي وفد قبيلائي سردار محبوب علي بجاراڻي ۽ مير جهانگير خان تيغاڻي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪردار ڪرڻ لاءِ مٿن زور ڀريو. وفد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير لالا عبدالفتاح پٺاڻ ۽ مير نياز علي خان ڀنگورا شامل هئا. ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جي سردارن وفد کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏيارو. ياد رهي ته جماعت اسلامي سنڌ طرفان جلد ئي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي اسد الله ڀٽو ۽ تڪ جي سياسي اڳواڻ سردار شمشير خان مزاري جي اڳواڻي ۾ گرينڊ ميڙ منت قافلو ڌرين وٽ خير ڪرائڻ لاءِ پهچندو، جنهن لاءِ ڄاڻيل ڌرين کان سواءِ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان پڻ ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار ۾ هيل تائين ڪيتريون ئي انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. علائقي ۾ ٻئي ڌريون خوفزده ۽ هڪ ٻي خلاف مورچه بند آهن. ٻنهي ڌرين جي سردارن توڙي انتظاميه سنجيدگي جو ڪو مظاهرو ڪيو ته اهو تڪرار ختم ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي سگهن ٿيون.
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري
هٿيار اسمگل ڪيس، 7 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور
خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا
ڏوهن جي سرپرستي، 34 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار معطل
سکر جي ڪچي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي
عوام کي رليف نه پيو ملي، ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏينداسين
پاڪستان انساني حقن بابت آمريڪا جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي
سعودي بابت بيان تي عمران خان ڇنڊ پٽي: شير افضل
نسله ٽاور جي زمين وڪرو ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيو
وڏ وزارت جو عهدو آسان ناهي، باهه جي درياءَ تان گذري آهيان
بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال
خان ۽ بشريٰ کي رياستي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو حڪم