باهه لڳڻ سبب 5 گهرن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) ڳوٺ تنيا ۾ انور علي تنيو جي گهر کي اچانڪ باهه لڳي جيڪا وڌنڌي خادم تنيو ، گدا حسين ، قائم تنيو ۽ بادشاهه تنيو جي گهرن کي وڪوڙي وئي. باهه جو اطلاع فائربرگيڊ آفيس ڳڙهي ياسين ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچايو ، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو ، ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس ذوالفقار تنيو ، انور تنيو ، خادم تنيو ۽ ٻين چيو ته اسان کي شڪ آهي ڪنهن شرپسند ماڻهن اسان جي گهرن کي باهه ڏئي اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي ، گهرن ۾ پيل اناج ۽ ٻيو قيميتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ، هنن ڊي سي شڪارپور ۽ وس وارن کان گهر ڪئي ته اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون اسان جي واهر ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو