باغ ڪپجڻ بعد ڌاڙيل جي ڌمڪين خلاف احتجاج

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي)ڌاڙيل پٺاڻ ناريجو طرفان ارادو اخبار جي مالڪ زبيراحمد جوکيو پنج لک ڀتو نه ڏيڻ جي بدران ڪجھ ڏينهن اڳ 150 وڻ زيتونن جا ڪٽي، آئس فيڪٽري کي تباھ ڪرڻ  ۽ موت مار ڌمڪيون  ڏيڻ جي خلاف قبوسعيدخان ۾ صحافين شبير مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي صحافين شبير مگسي ،مشتاق احمد جمالي، خادم جاگيراڻي ، محمد حنيف جمالي، زين العابدين مگسي ، اعجاز احمد مگسي ،اظهر حسين کوسو ، محمدمعشوق مگسي، ۽ ٻين ڳالهائندي چيو ته ڏوهاري پٺاڻ ناريجو خلاف پوليس ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري جنهن ڪري صحافين ۾ بي چيني پکڙيل آھي هنن چيو ته ، اسين آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي ۽ ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪيون ٿا ته  ارادو اخبار جي منيجنگ ايڊيٽر کي ڏوهارين طرفان ملندڙ ڌمڪي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو