بارڊر تي ٽرڪون روڪي ڀتي لاءِ تنگ ٿو ڪيو وڃي

جيڪب آباد (دولت گل مستوئي )بلوچستان کان ايندڙ گڊز  ٽرانسپورٽ ٽرڪ ڏھ ويلر گاڏين کي سنڌ بلوچستان جي سرحدي چيڪ پوسٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڪيو پيو وڃي جتي سوين گاڏين جون لائينون لڳيون پيون آھن جيڪب آباد جي مشھور ٽرانسپورٽر ميرامان الله خان پٺاڻ صحافين کي ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان پاران گڊز ٽرانسپورٽ کي اجازت ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي ان جي باوجود ايس ايڇ او صدر سرحدي چيڪ پوسٽ تي گاڏين کي روڪي ورتو آھي هن چيو ته پوليس لاڪ ڊائون کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڊرائيورن کان مبينا طور ڀتو اوڳاڙي رهي آھي مير  امان الله خان پاران ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ آر پي او سکر کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو