غيرقانوني هٿيار رکڻ تي اسماعيل ڏاهري کي عمر قيد

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ سردار محمد اسماعيل ڏاهري کي بارودي مواد ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالتي حڪم بعد پوليس عدالت ۾ موجود اسماعيل ڏاهري کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. مٿس سرڪاري مدعيت ۾ دولت پور ٿاڻي تي ڪيس داخل هو جنهن ۾ دستي بم، بارود ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا قلم لاڳو هئا. رينجرز ۽ پوليس ڪورٽ ٻاهران هاءِ الرٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو