بارش ۽ لينڊ سلائيڊنگ،رستا بند، سوين سياح ڦاسي ويا،ڪم جاري

اسلام آباد (بيورو رپوروٽ) خيبرپختونخواه جي مختلف علائقن ۾ بارشن سبب لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بند ٿيڻ ڪري 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڦاسي ويا آهن. جن ۾ اڪثريت سياحن جي آهي جيڪي، ڪاغان، ناران، چلاس ۽ گلگت ڏانهن ايندڙ ويندڙ شامل آهن. مانسهره ڏانهن ايندڙ رستي تي مختلف جاين وٽ ڪچن پهاڙن تان مٽي ۽ پٿر ڪرڻ سبب جڳهه جڳهه تان روڊ ٽٽي پيا آهن ۽ رستا بند ٿي ويا آهن.

خميس کان وٺي بند ٿيل رستن جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي. مانسهره جي ڊپٽي ڪمشنر اورنگزيب موجب جمع ۽ ڇنڇر جي واري رات تائين رستن کلڻ جو امڪان آهي پر ڪجهه به وثوق سان نٿو چئي سگهجي. مختلف جاين تي ڦاثل سياحن ۾ سنڌ جا ماڻهو به شامل آهن. ڪجهه علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ تيل جي قلت پڻ پيدا ٿي وئي آهي. 24 ڪالڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ بعد به رستا نه کلي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو