بارش جو بهانو، واپارين پاران ڦٽين جي اگهه ۾ 900 مڻ ٿي لاٿ

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون) واپارين جي هڪ هٽي ، ڦٽي جي اگهه ۾ 900 رپيا في مڻ تي هڪدم لاٿ ڪري ڇڏي آهي. ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آچر واري رات برسات جي وسڪاري کانپوء ۽ عيد جي موقعي جو فائدو وٺندي ڦٽي خريد ڪندڙ واپارين 900 رپيا في مڻ تي گھٽتائي ڪري برساتي ڦٽي جو بھانو بڻائي في مڻ تي 2 ڪلو اضافي ڪٽوتي ڪرڻ به لڳا آهن، جنهن ڪري هاري، مزدور ۽ آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آھن. ان سلسلي ۾ آبادگارن نصرالله جروار، يعقوب جاڙو، امين ميمڻ، مظفر خواجه، فيصل چيما ۽ ٻين ضلعي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي موقعي جو ناجائز فائدو حاصل ڪندڙ واپارين خلاف قدم کڻن. هنن چيو ته اسان ڦٽي جي فصل تي لکين روپيا خرچ ڪيو آھي۔ ڦٽي جا واپاري اسان کي هٿرادو قرضي ڪرڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو