بابر اعظم تي الزام هڻندڙ ڇوڪري مٿان قاتلاڻو حملو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي جنسي تشدد جو الزام هڻندڙ ڇوڪريءَ مٿان قاتلاڻو حملو ٿيو پر هوءَ محفوظ رهي. حاميزه مختيار نالي ڇوڪريءَ مٿان ڪاهنه جي ويجهو حملو ٿيو، آچر ڏهاڙي 8 وڳي ڌاري حامزه جي گاڏيءَ مٿان 2 نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن گوليون هلايون.حملي ڪندڙن حامزه جي گاڏي تي 4 فائر ڪيا، بابراعظم تي الزام هڻندڙ ڇوڪري فائرنگ جي واقعي ۾ بچي وئي، حامزه مختيار پاڻ تي قاتلاڻي حملي جي درخواست ڪاهنه ٿاڻي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.حملي کانپوءِ هڪ وڊيو بيان ۾ حامزه مختيار جو چوڻ آهي ته آئون پهريان به تحفظ جو مطالبو ڪري چڪي آهيان ، وزيراعظم کان مطالبو آهي ته هو هن معاملي کي ذاتي طور تي ڏسي.

پهنجو تبصرو موڪليو