بابرغوري خلاف اهم شاهد جو مولوي ڀاءُ پراسرار نموني قتل

ملير(رپورٽ دريا خان شر) سچل ڳوٺ لڳ اهلحديث جي مسجد مينارالهديٰ مسجد جي خطيب 55 سالن جي محمد ارباب کي جمع جي صبح ٻن موٽرسائيڪل سوارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فجر جي نماز پڙهي هو جيئن ٻاهر نڪتو ته کيس تاڙ ۾ بيٺل حمله آورن کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا. کيس سول اسپتال نيو ويو ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ فوت ٿي ويو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب هي فرقيواريت جو ڪيس نٿو لڳي ڇو ته اڳ م ڪڏهن اهلحديث وارن کي نشانو نه بڻايو ويو آهي. فوتي جو والد به ساڳئي مسجد ۾ خطيب آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هنن واردات واري جاءِ تان 11 گولين جا خول هٿ ڪيا آهن ۽ کين ڪجهه اهم معلومات به ملي آهي۽ جاچ ڪري رهيا آهن. ڊي آءِ جي ڪراچي اولهه عامر فاروقي ٻڌايو ته فوتي جو وڏو ڀاءُ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ مئنيجر (ايڃ آر) آهي ۽ نيب ۾ بابر غوري خلاف هلندڙ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اهم شاهد آهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو