بااثرن پيرسن کي سخت تشدد بعد منھن تي ڪاراڻ ملي ڇڏي

ڳڙھي ياسين(ن س)ڳڙھي ياسين لڳ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيرسن کي سخت تشدد بعد منھن تي ڪاراڻ ملي، تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، تفصيل موجب ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ دڙي جاکري ۾ بااثر ڀائرن عبدالغني ۽ عبدالسميع ڪاڪيپوٽو فيصلي ۾ ھلڻ لاءِ مسجد جي لائوڊ اسپيڪر ۾ ھوڪو ڏيڻ تان مڇرجي پنھنجي ئي برادري جي پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽو مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد پيرسن جي منھن تي ڪارنھن ملي انسانيت جي تذليل ڪري ڇڏي بااثرن جي تشدد وقت خوف ۾ ورتل ڳوٺاڻا پيرسن کي ڇڏائڻ بجاءِ بااثرن جي خوف کان تماشو ڏسندا رھيا ھوڏانھن باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ ڏينھن اڳ ٻنھي ڌرين جو سردار نجف ڪماريو وٽ پلاٽ جي معاملي تان فيصلو رکيل ھو جنھن جو پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽو ڳوٺ جي مسجد ۾ ھوڪو ڏنو ته ڳوٺ وارا فيصلي ۾ ھلي حق جي ڳالھ ڪرين جنھن تان بااثرن مڇرجي  پيرسن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس منھن تي ڪارنھن ملي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو ٿيل واقعي تي انساني حقن جي تنظيمن سميت ڪنھن به نوٽيس نه ورتو ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ رياض ملڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته اھڙي واقعي بابت مونکي ڪا به ڄاڻ نه آھي جاچ ڪريون پيا جيڪو به ملوث ھوندو ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو