بااثرن پاران پورهيت جي ويهڪ واري جاءِ تي ڏنڀ

ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)ڳوٺ غوث بخش شر جي ڳوٺاڻن جو با اثرن خلاف احتجاج، احتجاج ڪندڙن ۾ ممتاز شر،مير محمد،ٻڍل شر ۽ ٻين ميڊيا اڳيان داهيندي ٻڌايو ته با اثر غلام حيدر چاچڙ،خمسيو چاچڙ ،شعبان چاچڙ ،۽ خادم چاچڙ،اسان جي نوجوان عبدالخالق شر کي جيڪو ڪراچي جي مال پڙي ۾ چانھن وڪڻندو آهي ان کي ڄاڻايل با اثرن زوري پڪڙي مٿان چوري جو الزام ڏئي سندس ويھڪ واري جاءِ تي گرم اوزار سان ڏنڀ ڏئي انسانيت سوز تشدد ڪيو آھي اسان جي نوجوان کي سخت تڪليف آھي با اثرن قانون جا سڀ ليڪا لتاڙي پنهنجو قانون بڻائي ڇڏيو جيڪڏهن اسان جو نوجوان چور هيو ته ان کي پڪڙي پوليس حولي ڪرن ها اھڙو ظلم نه ڪرن ها اسان جو نوجوان ڪراچي جي مال پڙي ۾ ھوٽل تي ڪم ڪري پنهنجي ٻچن جي عيد لإ ڪجھ خريداري ڪري عيد خوشي سان ملھائي ها پر با اثرن عيد جون خوشيو ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ، اسان جو نوجوان مسڪين ۽غريب آھي ان مٿان الظام ڪوڙا آھن هنن وس وارن کان  انصاف جي گھر ڪئي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو