بااثرن جي مداخلت قتل جو جوابدار گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او بدلي

ٺڪراٺو (حضرت گل پٽاڻ ) يارو لنڊ  ڀرسان درگاھ پکڙوئي لعل تان اغوا ٿيل ناري پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي ناري جي ڳجهه ڳوهه ۾ قتل ڪري لاش گم ڪرڻ جا چوٻول، ناري سبحانه ملڪ جي قتل جي شڪ ۾ اغوا جي مک جوابدار خميسو ملڪ کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او مبارڪپورشڪيل اعواڻ کي هڪ بااثر سياسي شخصيت بدلي ڪرائي ڇڏيو.

عورت جي اغوا وقت جوابدار ڌر جي سپورٽ ڪندڙ ايس ايڇ او وهاب پتافي ٻيهر مبارڪپور مقرر ڪرائي ڇڏيو. پوليس هاءِ ڪورٽ جو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو ۽ معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش. عورت سبحاناملڪ زال خميسو مهر ڏھ سال اڳ پنهنجي ڳوٺ گهٽي جي رهواسي خميسو مهر سان گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد هو سکر ضلعو ڇڏي گهوٽڪي جي شهر خانپور مهر ۾ رهندا هئا، جتان سيپٽمبر 2018 ۾ عورت سبحاناملڪ پنهنجي مڙس خميسو مهر سان درگاه پکڙوئي لعل تي زيارت لاءِ وئي جتان سندس ملڪ برادري جي ماڻھن کيس اغوا ڪيو ۽ ان وقت مبارڪپورثاڻي جي تڏهوڪي ايس ايڇ او وهاب پتافي سان ڊيل ڪئي.

عورت کي چونڊڪو ۾ ملڪ برادري جي مرشدن گمبل شاه ۽ انور شاه وث پهچايو. جڏھن عورت جي مڙس خميسو مهر يارولنڊ ٿاڻي تي ملڪ برادري جي موچارو ملڪ خميسو ملڪ ۽ عزيز لغاري سميت ستن جوابدرن خلاف عورت جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ته سام وٺندڙ مرشدن پوليس جي ڊپ کان عورت وارثن حوالي ڪئي ۽ مبينه طور رستي ۾ عورت کي وارثن قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ اغوا ڪيس ۾ ضمانت ڪرائي ڇڏي. جنهن بعد خميسو مهر زال جي بازيابي لاء سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. عدالت ايس ايس پي سکرعرفان سمون کي هرحال ۾ عورت جي بازيابي جو حڪم ڏنو ۽ پوليس خميسو مهر جي نشاندهي تي چونڊڪي جي پيرن گمبل شاه ۽ انورشاه تي پريشر وڌو جن اعتراف ڪيو ته هنن عورت ملڪ برادري کي واپس ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ مبارڪپور پوليس جي ايس ايڇ او شڪيل اعواڻ عورت اغوا ڪيس جي مک ڪردارخميسوملڪ کي رات گرفتار ڪيو. جنهن مبينا عورت جي قتل اعتراف ڪيو جنهن بعد بااثر سياسي شخصيت عورت جو ڪيس لوڙهڻ لاءِ ايس ايڇ او مبارڪپور شڪيل اعواڻ کي بدلي ڪرائي جوابدار ڌر جي حامي ايس ايڇ او مبارڪپور وهاب پتافي مقرر ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو