اڻ تصديق ٿيل سلينڊرن وارين گاڏين خلاف مهم جاري

شهدادڪوٽ (ن س) شهدادڪوٽ ۾ پوليس پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ لڳل اڻ تصديق ٿيل ۽ غير معياري سي اين جي سلينڊرن خلاف ڪريڪ ڊائون ، شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ويگن اسٽينڊ تي ڪاروائي ڪندي 8 کان وڌيڪ ويگنن کي پنهنجي تحويل ۾ شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي ڪاهي آيا جتي ٽريفڪ سارجنٽ ۽ سي اين جي جي سيلنڊر چيڪ ڪندڙ ميڪينڪل کي گهرائي ويگنن ۾ لڳل سلينڊر چيڪ ڪرايا جتي 6 ويگنن ۾ غير معياري سلينڊر هجڻ ڪري انهن تي ڪاروائي ڪئي وئي ، پوليس جو چوڻ هو ته آء جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جي حڪم تي غير معياري سي اين جي سلينڊرن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي هنن جو چوڻ هو ته پوليس جي پهرين ترجيح پبلڪ جي حفاظت ڪرڻ سندس فرض ۾ شمار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو