اڳ ۾ پُل ٺهرائي ڏيو، ڳوٺاڻن جو پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار

ٽنڊوباگو ( رپورٽ سھيل سمون)ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو جي ڳوٺاڻن جو پوليو مهم جو بائيڪاٽ. ڳوٺ جي 30 معصوم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان ڳوٺاڻن کتو جواب ڏئي پوليو ٽيم کي واپس موٽائي ڇڏيو. سارنگ فقير پاڙي جي ڳوٺاڻن شوڪت جوڻيجو، علي احمد، حاجي غلام ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول طرف ويندڙ رستو نه هجڻ ڪري ۽ واٽر ڪورس جي پل نه هجڻ ڪري اسان جا معصوم ٻار وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي اسڪول وڃن ٿا سخت سردي ۾ معصوم ٻار پاڻي مان گذري اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن اسان کي خوف هوندو آھي ته پاڻي ۾ ڪري جاني نقصان نه ٿئي جنهن ڪري اسان روز پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ تي مجبور آھيون اسان پنهنجي ٻارن جي مشڪلاتن خاطر مجبورن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو آھي اسان جي معصوم شاگردن کي متبادل رستو ۽ واٽر جي پل نه ملڻ تائين اسان پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو