اپوزيشن جو استعيفائن تي اتفاق، لانگ مارچ جنوري ۾ ٿيندو،مولانا

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو)پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت مولانا فضل الرحمان بريفنگ ڏيندي چيو ته اپوزيشن جي جلسن سان حڪومت تي فرق پيو آهي، ڪرسي جون چوڙيون لڏي چڪيون آهن هاڻي هڪ ڌڪو ڏيڻو آهي. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورا پارليامينٽيرينز ۽ صوبائي اسمبلين جا ميمبر پنهنجي پنهنجي استعيفيٰ 31 ڊسمبر تائين پارٽي سربراهه حوالي ڪن، لانگ مارچ جنوري ۾ ڪنداسين. هن چيو ته 31 ڊسمبر تي سربراهي اجلاس ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن هڙتالن ۽ لانگ مارچ جي تاريخ بابت فيصلو ڪيو ويندو. هن سان گڏ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز سميت مختلف جماعتن جا اڳواڻ به موجود هئا. هن ٻڌيو ته 13 ڊسمبر تي لاهور وارو جلسو مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ هر حال ۾ ٿيندو. مولانا فضل الرحمان کان جڏهن پڇو ويو ته حڪومت ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هن چيو ته اسين اها رد ڪريون ٿا، هن چيو ته حڪومت اسان کان اين آر او گهري پئي پر کين نه ڏينداسين. هن غير قانوني حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين. اجلاس ۾ ميان نواز شريف، آصف علي زرادري ۽ اختر مينگل وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. مولانا خبردار ڪيو ته حڪومت جيڪڏهن لاهور جلسي ۾ رڪاوٽ وڌي ته سخت رد عمل ٿيندو. هن ٻڌايو ته 9 ڊسمبر تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس شام 5 وڳي احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيندو جنهن ۾  سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن، شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتالن جو شيڊول طئي ڪيو ويندو. ان دوران مريم نواز آئي ته صحافين کائنس پڇو ته اوهين ڊفينسو پيا لڳو، هن چيو ته اسين اٽيڪنگ آهيون، اوهان ڪهڙا سوال پيا ڪريو؟ پي ڊي ايم ترجمان ميان افتخار کا صحافين پڇو ته ميان نواز شريف ڪڏهن ايندو ته هن چيو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ننڍو ميان ڪافي آهي وڏي جي ضرورت پئي ته اهو به ايندو. ان کان اڳ اجلاس 2 وڳي شروع ٿيڻو هو پر بلاول ڀٽو جي دير سان اچڻ سبب اجلاس ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ چڪ شهزاد فارم هائوس تي مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽريٽ ۾ هلندڙ اجلاس کان اڳ ان وقت بدمزگي پيدا ٿي جڏهن هال ۾ پي ڊي ايم جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ميان افتخار جي ويهڻ لاءِ ڪرسي نه رکي وئي هئي. جنهن تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هال مان ٻاهر هليو ويو، مولانا فضل الرحمان کي خبر پئي ته هو کيس پرچائي وٺي آيو. سڀني کان آخر ۾ بلاول ڀٽو پهتو جيڪو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان خصوصي طور سومر تي اسلام آباد پهتو هو. بلاول سان گڏ يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان ۽ قمرالزمان ڪائره به گڏ هئا. مريم نواز جڏهن آئي ته صحافين کائنس پڇو ته ڇا اڄ اسمبلين تان استعيفائن جو فيصلو ٿيندو ته هن چيو ته فيصلو ته ٿيڻو آهي. ٻئي پاسي قيادت جي اعلان کان اڳ ئي مسلم ليگ (ن) جي ڪجهه جذباتي ميمبرن استعيفائون قيادت وٽ جمع ڪرائڻ شروع ڪيون آهن. جن ۾ لاهور مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي افضل کوکر ۽ ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر، سرگوڌا مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي حامد حميد شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو