اڳوڻي وزير تحريڪ انصاف جي اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

مانسهره (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير ابرار حسين عرف محمد اقبال تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻ ذيشان عارف کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. زميني تڪرار جو جرڳو هلي رهيو هو ته ان دوران ڪاوڙ ۾ اچي هن ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. ذيشان کي گوليون لڳڻ بعد ڪنگ عبدالله اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. فوتي جي ڀاءُ جي فرياد تي پوليس داخل ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو