اڳوڻي مڙس تي تيزاب هاريندڙ ناري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نارٿ ڪراچي ۾ اڳوڻي مڙس تي تيزاب هاريندڙ عورت کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.  پوليس موجب شهباز ڪوثر اڳوڻي مڙس سان شادي ڪرڻ پئي چاهي ۽ انڪار تي هن کيس پنهنجي گهر گهرائي مٿس تيزاب سان حملو ڪيو. واقعي کانپوءِ عورت لياقت آباد ۾ پنهنجي مائٽن جي گهر لِڪل هئي، جتان پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. متاثر شخص سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ داخل آهي، پوليس موجب هن جو مُنهن، ڇاتي ۽ جسم جا ٻيا حصا تيزاب سان متاثر ٿيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو