اڳوڻي ليگي ايم پي اي جي گهران سوا ٽي مڻ چرس هٿ

بهاولپور (م ڊ) اينٽي نارڪو ٽڪس فورس ملتان مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ايم پي اي فوزيه ايوب قريشي جي گهر تي بهاولپور ۾ ڇاپو هڻي سوا ٽي مڻ چرس هٿ ڪري سندس پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف جي انسپيڪٽر زبير موجب اي اين ايف بهاولپور ۾ ايم پي اي جي گهر تي ڇاپو هنيو ته سندس پٽ مينهن جي واڙي ۾ پوريل چرس جي نشاندهي ڪئي جيڪو کوٽائي ڪري هٿ ڪيو ويو. اي اين ايف جي اهلڪارن فوزيه ايوب جي هڪ پٽ طيب ايوب ۽ سندس دوست عديل اسلم کي گرفتار ڪري ورتو. انسپيڪٽر زبير ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن هڪ شڪي گاڏي روڪي جنهن مان رضا خالد ۽ عبدالله نالي ٻن همراهن کي گرفتار ڪيو ويو انهن کيس ٻڌايو ته هو فوزيه ايوب جي گهر چرس سپلاءِ ڪري آيا آهن. اي اين ايف چئني جوابدارن کان جاچ شروع ڪري پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو