اڳوڻي صدر آصف علي زرادري جي سالگرهه ملهائي وئي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرادري جي سالگرهه سادگي سان ملهائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويو. نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهر موجب اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاھري پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سابق صدر آصف علي زرداري جي 65 سالا سالگره جي خوشيء ۾ پنھجي ڀاء موجودہ تعلقه جنرل سيڪيٽري علي رضا ڏاھري ۽ ڪارڪنن سان گڏجي پنهنجي ھٿن سان دولتپور صفن ڏاھري ھائوس تي ڪيڪ ڪاٽيو جتي ھن خوشيء جو اظھار ڪندي چيو ت الله ڪريم آصف علي زرداري کي صحتيابي عطا ڪئي آھي ھو بلڪل تندرست ۽ صحت مند آهي ان حوالي سان ھن وڌيڪ چيو ت پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آھي جنھن سدائين عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ڏيکاريا آهن آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جو اھو واحد سياسي اڳواڻ ھو جيڪو ارڙهين ترميم جو خالق آهي. هن صدر جا صوابديد اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا.

**** سڪرنڊ مان راڄڪمار اوڏ موجب پيپلز پارٽي جي جيالن سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ آصف علي زرداري جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري.

پهنجو تبصرو موڪليو