اگهم ڪوٽ، بي بي ماهم جي معجزن بابت ڪتاب جو مهورت

گلاب لغاري (سليمان چانڊيو ) سنڌ جي تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ (اگهاماڻو) ۾ بي بي ماهم جي معجزن بابت لکيل زوار عبدالستار درس جي ڪتاب جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت سينئر صحافي ۽ ليکڪ فيض کوسو ڪئي، جڏهن ته يوسي ماڻڪ لغاري جو چيئرمين محبوب خان سريوال، مير قائم خان ٽالپر، سيد اعجاز علي شاھ، گل مرتضي بچاڻي، سيد قلب عباس شاھ ۽ غلام عباس لنجواڻي خاص مهمان هئا. ڪتاب جي مصنف زوارعبدالستاردرس کي محبوب سريوال طرفان بوسڪي جوپٽڪو ٻڌرايو ويو جڏهن ته سڀني آيل مهمانن ۽ صحافين کي نياز حسين لغاري ۽ محبوب سريوال پاران اجرڪون ۽ سومار خاصخيلي پاران گلن جا هار پارايا ويا. ان موقعي تي مقررن چيو ته زوارعبدالستار درس هميشه جدوجهد ڪئي آهي ۽ سندس جرئت همت ۽ بهادري کي سلام آهي. جنهن محنت ڪري بي بي ماهم جي معجزن بابت مختلف علائقي واسين جي حوالن سان تحقيق ڪرڻ واري عمل کي کنيو آهي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته اگهم ڪوٽ هڪ تاريخي ماڳ آهي جنهن جي وڌيڪ تحقيق  ڪرڻ جي ضرورت آهي انهيء قسم جا ڪتاب لکي اتي مدفون بزرگ هستين جا حوالا پڻ ڏنا وڃن ته جئين ماڻهن کي هن تاريخي جاءِ بابت صحيح معلومات ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو