اڪمل ۽ وهاب ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ فٽنس ٽيسٽ لاءِ طلب

لاهور(م ڊ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ عمر اڪمل ۽ وهاب رياض کي فٽنس ٽيسٽ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪپ ۾ ٻنهي رانديگرن جي بهتر ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي کين گهرايو ويو آهي. گذريل هفتي جڏهن بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ 23 رانديگرن جو اعلان ڪيو هو ته هنن بنهي رانديگرن جا نالا شامل نه هئا. انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ڪرڪٽ جي عالمي ڪپ لاءِ هر حال ۾ 23 اپريل تائين سڀني ملڪن تي لازم آهي ته تيمن جو اعلان ڪن پر پاڪستان پنهنجي ٽيم جو اعلان 18 اپريل تي ڪندو. پاڪستاني ٽيم 23 اپريل تي انگلينڊ جي دوري تي رواني ٿيندي جتي انگلينڊ سان هو ٽي 20 ۽ پنج ون ڊي ميچز کيڏندي. پاڪستان ورلڊ ڪپ کان اڳ بنگلاديش ۽ افغانستان سان وارم اپ ميچز به کيڏندو ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پهنجي پهرين ميچ 31 مئي تي ويسٽ انديز سان کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو