اڪشي ڪمار ۽ ڪپل شرما ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مشهور ڪاميڊي شو جي ميزبان ڪپل شرما هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل آهي. تصوير ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار ڪپل جي گوڏي تي هٿ رکي جهڪي ملي رهيو آهي. ڪپل ان تصوير تي هندي ۾ ڪيپشن لکيو آهي ته اڪشي پنهنجي نئي فلم بيل باٽم جي ڪاميابي لاءِ کانئس دعا پني رهيو آهي. جنهنتي اڪشي ڪمار دلچسپ تبصرو ڪندي لکيو آهي ته مان ڪپل جو عقل سندس گوڏي ۾ ڳولي رهيو هيس. اڪشي جي نئين فلم 20 آگسٽ تي رليز ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو