اڪرام ڌاريجو جي لنڊ ڀائرسن سان عذر خواهي

جروار (محمد بخش گبول) پپپلز پارٽي ايم پي اي ۽ صوبائي  وزير ڄام اڪرم الله ڌاريجو پاران لُنڊ برادري جي چيف سردار فياض علي خان لُنڊ، ۽ پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لُنڊ سان جروار ويجهو ڳوٺ صاحب خان لُنڊ پهچي سندس ڀاءُ رضوان خان لُنڊ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت پُڻ ڪئي.رضوان خان لنڊ ڪورونا سبب ڪجهه هفتا اڳ فوت ٿي ويو هو.  هنن مرحوم جي مغفرت جي لاء دعا پڻ گهري. لنڊ خاندان ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ بعد هنن ت_و به نه رکيو هو ۽ شروع ۾ فون تي فاتحه ورتي هئي. پنهنجي برادري جي ماڻهن کي به هنن منع ڪئي هئي. ڪورنٽائن جو عرصو پورو ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ بعد هنن ماڻهن سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو